ٿرين کي ٻچا پيارا ڪونهن

 

ٿرين کي ٻچا پيارا ڪونهن!

 رڪ سنڌي

ٿرپارڪر ضلعي جي صوبائي اسيمبليءَ جي هڪ ميمبر صاحب چيو آهي ته ٿر ۾ نون ڄاول ٻارڙن جو موت خوراڪ جي کوٽ نه پر وبائي صورتحال سبب ٿيو آهي. هن ٻيو به حيرتناڪ انڪشاف ڪيو آهي ته ٻارڙا والدين جي لاپرواهي سبب فوت ٿيا آهن. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي جناب ميمبر صاحب چيو آهي ته ٿر جو ڳچ حصو غير آباد زمين تي ٻڌل آهي ۽ هتان جي رهواسين جو ڪوبه آمدني جو ذريعو نه آهي پر سنڌ حڪومت طرفان هر سال خوراڪ ورهائي ويندي آهي. هن چيو ته سڄي ضلعي ۾ هر سال ڪيترائي ٻار اجل جو شڪار ٿيندا آهن جنهن جو وڏو ڪارڻ بيماري آهي. هن چيو ته پيچيده بيماريءَ سبب متاثر ِٻارڙن کي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي اسپتالن ڏانهن اُماڻيو ويو آهي. گذريل سال سيپٽمبر ۾ 15، آڪٽوبر ۾ 10 ۽ نومبر ۾26 ٻارڙا فوت ٿيا، جنهن جو وڏو ڪارڻ والدين جي لاپرواهي ۽ علاج لاءِ وقت تي اسپتال نه پهچائڻ آهي. هن چيو ته هلندڙ سال سرديءَ جي موسم ۾ ٻارڙن جي ڦڦڙن ۾ پاڻي پوڻ، نمونيا ۽ تيز بخار سبب جنوريءَ ۾ 18، فيبروريءَ ۾ 23 ٻار فوت ٿيا آهن. هن چيو ته ٿر جي رهواسين ۾ سنڌ حڪومت ڪڻڪ جا ٿيلها ورهائي رهي آهي. جڏهن ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي آهي ته جيئن ٻارڙن جو وقت تي علاج ٿي سگهي.

مانواري ميمبر جي بيان مان لڳي ٿو ته ٿري ماڻهن کي پنهنجا ٻچا پيارا ڪونهن ۽ هو پنهنجي ٻچن جي بهتر پرگهور ڪري نه ٿا سگهن. ان ڪري معصوم ٿري ٻارڙا موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن، هونئن ته حڪمرانن اتي کير ۽ ماکيءُ جون نديون وهائي ڇڏيون آهن، ماروئڙن جون مينهون اڻ ڏڌيون ڇڙي وڃن ٿيون. صوبائي اسميبلي جي ميمبر جي بيان مان ته ايئن به لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت ٿر ۾ هر سال ايتري ته خوراڪ ورهائيندي آهي، جو اها ڀيلن، ڪولهين، نهڙين ۽ سميجن جي گهرن ۾ استعمال نه ٿيڻ سبب اڏوهي جو کاڄ ٿي ويندي آهي. يا رکئي رکئي خراب ٿي ويندي آهي. پ پ جا وزير، اسيمبلي ميمبر ۽ ٻيا صاحب لوڪ هن سانحي تي اهڙا ته بيان ڏئي رهيا آهن، جو لڳي ٿو ته گڏيل برصغير ۾ هڪ سنڌي هندو سيٺ طرفان حيدرآباد ۾ نفسياتي اسپتال ٺهرائڻ جو خرچ ئي اجايو ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته چريا، مٿي ڦريا ۽ مست اڄ به نه فقط اسپتال کان ٻاهر آهن، پر اهي اسيمبلين ۾ به ويٺا آهن. ڪالهه ئي پ پ جي هڪ اسيمبلي ميمبر قومي اسيمبلي ۾ کل جوڳو بيان ڏنو هو ته ٿر ۾ سخت سرديءَ ڪري ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن، خوراڪ جي کوٽ جو ڪوبه مسئلو ناهي. هن پاڻ سميت انهن ووٽرن تي جڳ جهان کي کلايو، جن کيس چونڊي ايوان ۾ موڪليو هو. سندس اهليت جي سطح اها آهي ته کيس مارچ مهيني ۾ به ٿر ۾ ڊسمبر جي سردي محسوس ٿي رهي هئي.

ٿر ۾ هيءُ الميو ڪا نئين ۽ اوچتي ڳالهه ناهي، هر سال ماڻهو ڏڪار سبب ڀوڳيندا آهن، هر سال کين خيرات ۾ ڪجهه ان داڻا ملندا آهن، حڪمرانن ٿرين کي مستقل طور تي فقير رکڻ گهرن ٿا، جيئن هو کين پن جا ٻه ٽڪر ڏئي پنهنجي سخاوت جو هوڪو ڏئي سگهن. پاڻ کي سخي حاتم طائي جو به ابو ثابت ڪري سگهن. حڪمرانن جي ان روش سبب ٿر گذريل 65 سالن کان ان ئي پوزيشن ۾ آهي، جيڪو برصغير جي ورهاڱي کان اڳ هيو. ان وچ ۾ ڀارت پنهنجي ٿر کي بر مان بوستان بنائي ڇڏيو. روڊ، رستا، پاڻي جون لائينون، خوراڪ جو بندوبست، روزگار لاءِ صنعتن جو قيام ۽ ٻيا اهڙا کوڙ سارا قدم کڻي هنن پنهنجي حصي ۾ آيل بر کي باقاعدي ٿر بڻائي ڇڏيو، پر اسان ٿر کي بر مان صفا برپٽ ڪري ڇڏيو. پوءِ به اها هنبوڇي هڻندي نه ٿا ٿڪجون ته اسان جڳ جهان ۾ افضل قوم ۽ باوقار ملڪ جا باشندا آهيون.

شرم تم ڪو مگر نهين آتي!

No comments:

Post a Comment