ڪراچي ڪميٽي يا سنڌ جي وحدت تي وار

 

ڪراچي ڪميٽي يا سنڌ جي وحدت تي وار

 رڪ سنڌي

سنڌ جي وحدت خلاف دشمن قوتن جون سازشون ان ڏينهن کان هلندڙ آهن، جنهن ڏينهن کان پيارو پاڪستان وجود ۾ آيو آهي. لياقت علي خان پنهنجي وزارت عظمى دوران سنڌ خلاف جنهن مڪروهه عمل جي شروعات ڪئي هئي. ان کي سندس پوئلڳ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري رکيو پيا اچن.ڪڏهن ڪراچي کي صوبي جو درجو ڏيارڻ ته ڪڏهن وري ان کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاق جي ماتحت ڪرڻ جون سازشون سٽيون پيون وڃن. خاص ڪري جڏهن کان مرڪز ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿي آهي ته سنڌ خلاف خطرا وڌيڪ شدت سان آڏو اچي رهيا آهن. اسٽيبلشمنٽ ۽ ايم ڪيو ايم ملي ڪري ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ لاءِ هڪ مڪمل پلاننگ تحت ڪم ڪري رهيا آھن. ان ئي سلسلي ۾گذريل عام چونڊن دوران ڪراچي مان هڪ سازش هيٺ تحريڪ انصاف جا ڪجهه اميدوار ڪامياب ڪرايا ويا ۽ ايم ڪيو ايم کي تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سندن وچ ۾ اتحاد قائم ڪرايو ويو. وفاق ۾ پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ اتحاد بعد سنڌ جي ورهاڱي جي خواهشمند ڌرين کي ڄڻ ته نئين زندگي ملي وئي آهي. خاص ڪري جڏهن هڪ ملڪ جو وزيراعظم (عمران خان) پنهنجي تقريرن ۾ سنڌ کي ڪراچي کان ڌار ڪري پيش ڪري ۽ اهو چوندو رهي ته ڪراچي تي اندرون سنڌ جا ماڻهو حڪومت پيا ڪن ته ان کان پوءِ سندس سنڌ لاءِ نيت تي ڪهڙو اعتبار ڪري سگهجي ٿو. تحريڪ انصاف جو گورنر عمران اسماعيل سنڌ جي گورنر هائوس ۾ ويهي پنهنجي ئي صوبي جي ورهاڱي جا کلم کلا اعلان ڪري ۽ سندن ڪراچي مان چونڊيل اسيمبلي ميمبر ايم ڪيو ايم کان به ٻه وکون اڳتي وڌي ڪراچي جي سنڌ کان علحدگي کي مڙني مسئلن جو حل قرار ڏين ته پوءِ سنڌي ماڻهو تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت مان سنڌ جي خيرخواهي جي ڪهڙي اميد رکي سگهن ٿا. ڪجهه ڏينهن کان نام نهاد قومي (اردو) ميڊيا تان سنڌ جي ورهاڱي جي منظم مهم شروع ڪئي وئي آهي. هر ٽي وي ٽاڪ ۾ مڪروهه ذهنيت رکندڙ اينڪر پرسن ”سنڌ اور ڪراچي” جو ورد ڪندي سنڌ کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ لاءِ ماحول تيار ڪري رهيا آهن. ان لاءِ نه ته ڪو سرڪاري ادارو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار آهي نه وري ان گندي سوچ کي ميڊيائي ادارن کي ڪنٽرول ڪندڙ پيمرا ئي ڪو قدم کنيو آهي. ان سڄي مهم پويان نه فقط نسل پرست پناهگير دهشت پسند گروهه پر وفاقي حڪومت ۽ سندن پارٽي جو هٿ موجود آهي.

جنهن وقت ملڪ ۾ ڪشمير جي مسئلي تي ايڪي ۽ اتحاد پئدا ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي، ان وقت پي ٽي آءِ حڪومت طرفان اهڙن قدمن جي شروعات ڪئي وئي آهي. جنهن سان ملڪ ۾ ايڪي ۽ اتحاد وارين ڪوششن کي نه صرف ڪاپاري ڌڪ رسي پر ملڪ منجهه نوان تڪرار ۽ دشمني جا خوفناڪ محاذ کلي پون. ان ئي سلسلي ۾ وفاقي حڪومت سنڌ کي نشانو بڻائي ملڪ دشمني واري عمل جي شروعات ڪئي آهي ۽ سنڌ جي ورهاڱي لاءِ عملي قدم کڻڻ شروع ڪيا آهن. وزيراعظم عمران خان طرفان 7 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ڪراچي مان چونڊجي آيل ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن سان گڏجاڻي دوران ڪراچي جي صورتحال تي ڪاميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان ڪاميٽي جي سربراهي قانون واري وفاقي وزير ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فروغ نسيم جي حوالي ڪندي، ڪاميٽي ۾ پي ٽي آءِ ۽ متحده اڳواڻن کي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو آهي. ڪميٽي ۾ وفاقي وزير خسرو بختيار، وفاقي وزير علي زيدي، ڊي جي ايف ڊبليو او ۽ ٻيا ميمبر شامل آهن.

ڪراچي ڪاميٽي جوڙڻ جو جواز ڪراچي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ٻڌايو ويو آهي پر ان ڪاميٽي جوڙڻ بابت سنڌ حڪومت سان صلاح مشورو ڪرڻ يا ان کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪابه ضرورت محسوس نه ڪئي وئي آهي. وفاق طرفان ڪنهن به صوبي جي مخصوص شهر جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ خود آئين جي ڀڃڪڙي ۽ صوبائي خودمختياري جي سنگين لتاڙ آهي. ان قسم جي ڪاميٽي جوڙي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ڄڻ ته ڪراچي سنڌ جي گادي جو شهر نه پر الڳ صوبي جي حيثيت رکندڙ هجي. وفاقي ڪاميٽي پويان هڪ گروهه جي نسل پرست سوچ ان مان ئي ظاهر ٿئي ته ان ۾ فقط هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ هڪ ئي سوچ رکندڙ ماڻهو شامل ڪيا ويا آهن، جن جي سنڌ جي وحدت خلاف ايجنڊا ڪنهن کان به لڪل نه رهي آهي. ڇا سنڌ جي گادي واري شهر جا فيصلا اهي ماڻهو ڪندا، جن جو ماضيءَ جو رڪارڊ نه فقط سنڌ دشمن پر ملڪ دشمني تي ٻڌل رهيو آهي. هتي سوال ٿو پئدا ٿئي ته ڇا ڪراچي هڪ نسل پرست گروهه جو شهر آهي. ڇا گذريل عام چونڊن ۾ هن شهر مان پي پي سميت ٻين پارٽين جا اميدوار چونڊون کٽي نه آيا آهن، ڇا انهن ماڻهن جي هن شهر تي ڪابه وارثي نه آهي. جيڪي صدين کان هن شهر جا مالڪ رهيا آهن ۽ هي شهر سندن صوبي جي گادي وارو شهر آهي. ڇا سنڌ ۾ اڪثريت سان حڪمراني ڪندڙ پارٽي کي فيصلن ۾ شامل نه ڪري اهو تاثر نه پيو ڏنو وڃي ته وفاق عملي طور صوبن جي وجود کان انڪاري آهي ۽ ملڪ مٿان اڻ اعلانيه ون يونٽ مڙهيو ويو آهي. وفاقي حڪومت جي ان عمل سان تعصب، نسل پرستي ۽ لسانيت واري سوچ کي هٿي ملي ٿي. جيڪا ڳالهه ڪنهن به طرح ملڪ جي وحدت جي مفاد ۾ نه آهي. وفاق جا ڪراچي بابت فيصلا ڪنهن هڪ پارٽي خلاف نه پر هڪ قوم جي وجود تي منڌيئڙو ڏيڻ برابر آهن، ان ڪري سنڌ جي ماڻهن کي بنا ڪنهن پارٽي فرق جي هن عمل خلاف سگهارو آواز بلند ڪري وفاق کي اهڙا فيصلا واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو وڃي.

(نوٽ: هي مضمون امرس (اصغر منگي رڪ سنڌي) جي نالي سان 15 سيپٽمبر 2019ع تي مختلف اخبارن ۾ شايع ڪيو ويو.)

No comments:

Post a Comment