سنڌي ٻولي لاءِ جدوجهد

 

سنڌي ٻولي لاءِ جدوجهد

 رڪ سنڌي

پاڪستان ۾ اردو کي قومي ٻولي بڻائڻ ۽ هتان جي مقامي زبانن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف جدوجهد جي شروعات اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ بنگالين طرفان ڪئي وئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1948ع ۾ جڏهن قائد اعظم محمد علي جناح ڍاڪا ويو ته هن هڪ عام جلسي ۾ اعلان ڪيو ته “پاڪستان جي قومي ٻولي صرف اردو هوندي.” جنهن تي کيس بنگالين جي مزاحمت ۽ ڪاوڙ کي منهن ڏيڻو پيو. ان ئي جلسي ۾ موجود بنگالين جي وڏي انگ ان اعلان خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ جو مطالبو ڪيو. قائد اعظم محمد علي جناح جي اوڀر پاڪستان جي ان پهرئين دوري سان ئي زبان جي بنياد تي پاڪستان ۾ نفرتن جو طوفان شروع ٿيو. بنگالين اردو کي قومي ٻولي بڻائڻ واري فيصلي کي رد ڪندي بنگالي ٻوليءَ کي جائز مقام ڏيارڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي. 21 فيبروري 1952ع تي جڏهن اوڀر بنگال جي قانون ساز اسيمبليءَ جو اجلاس سڏايو ويو ته بنگالين پنهنجي مادري ٻولي کي قومي زبان جو درجو ڏيارڻ لاءِ عام هڙتال جو اعلان ڪيو. بنگاليءَ کي قومي ٻولي بنائڻ جي مطالبي لاءِ جدوجهد ڪندڙ بنگالي شاگردن اسيمبلي طرف جلوس ڪڍيو ته ان کي بي رحماڻي طريقي سان ڪچليو ويو. اسيمبلي طرف وڌندڙ شاگردن مٿان گوليون هلائي ٽن چئن ڳڀرو نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو.

پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي ان جي اصل خالقن نه پر نام نهاد مالڪن اهو فيصلو ڪري ورتو هو ته ساڻن گڏ ڀارت کان هن خطي ۾ داخل ٿيندڙ ٻولي اردو ئي نئين ملڪ جي قومي ٻولي ٿيندي. جيتوڻيڪ نئين ٺهندڙ ملڪ ۾ ان وقت بنگالي ڳالهائيندڙ، ملڪي آباديءَ جو 55 سيڪڙو هئا، جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙ ڏيڍ سيڪڙو کان به گهٽ هئا. اهي ڏيڍ سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ به هن سرزمين جا اصلي وارث نه پر هندستان کان پناهگير طور هتي آيل هئا. انهن حقيقتن جي باوجود اقتدار تي قابض ٽولي اسلامي مذهب ۽ اسلامي ثقافت جي آڙ ۾ نيئن ملڪ تي اردوءَ کي مڙهڻ جي سازش ڪئي. اهو فيصلو هتان جي اصلي ڌرتي ڌڻين خلاف سازش ۽ نفرت تي ٻڌل هو. اردو کي قومي ٻولي بڻائڻ جي فيصلي سان ئي هن ملڪ جي ماڻهن ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو ويو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ نه فقط بنگالي ٻولي پر سنڌي ٻولي کي به نظرانداز ڪيو ويو.
پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي ٻولي جي اها حيثيت ختم ڪئي وئي، جيڪا ان کي سنڌ تي برطانوي قبضي دوران حاصل هئي. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري پنهنجي حڪومت ٺاهي ته انهن سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ اهم فيصلا ڪيا. هنن سنڌي ٻوليءَ جي لپي جو هڪ معيار مقرر ڪرڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي. ان ڪميٽيءَ جي سفارش تي 1853ع ۾ سنڌي ٻولي جي هاڻوڪي لپي سرڪاري ۽ خانگي سطح تي لکڻ پڙهڻ لاءِ رائج ڪئي وئي. جنهن سان سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه جا نوان در کلي پيا. سنڌي ٻولي بابت ان اهم فيصلي بعد انگريزن ٻيو وڏو قدم کنيو. جنهن موجب 29 آگسٽ 1857ع تي حڪم نامو جاري ڪيو ويو، جنهن هيٺ سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي جو درجو ڏنو ويو. سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر حڪم جاري ڪيو ته سنڌ ۾ سرڪاري لکپڙهه کي ان وقت تائين قبول نه ڪيو ويندو، جيستائين اها سنڌ ٻولي ۾ نه هوندي. سرڪاري آفيسن، عدالتن ۽ ٿاڻن ۾ انگريزي سميت ٻين ٻولين ۾ لکيل ڪوبه ڪاغذ تيستائين قبول نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جيستائين ان جو سنڌي ترجمو شامل نه ٿيل هجي. انگريزن سنڌ ۾ نوڪري ڪندڙ غير سنڌين کي ان ڳالهه جو پابند ڪيو ته هو لازمي طور سنڌي لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي سگهندڙ هجن.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اردو کي ملڪ جي اڪيلي قومي ٻولي جو درجو ڏئي، هتان جي اصلوڪين ٻولين جي رستا روڪ ڪئي وئي. 14 آڪٽوبر 1955ع ۾ اوڀر پاڪستان جي عددي اڪثريت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اولهه پاڪستان جي چئن وحدتن سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ پختون صوبي کي پاڻ ۾ ضم ڪري ون يونٽ جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ون يونٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي کي ميسارڻ ۽ هتان جي ماڻهن مٿان زبردستي هندستاني ٻولي اردو (هندي) مڙهڻ لاءِ سازشن جو هڪ ڊگهر سلسلو شروع ڪيو ويو. انهي دور ۾ سوين سنڌي ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن تي بندش وڌي وئي. سنڌ جو الڳ قومي وجود ۽ سڃاڻپ ماضيءَ جو قصو بڻجي ويو. ڪنهن به قسم جي لکت ۾ سنڌ لفظ استعمال ڪرڻ تي بندش وڌي وئي. ڪراچي مان سنڌي ٻولي پڙهائيندڙ 1300 پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن کي بند ڪيو ويو. ون يونٽ بعد 1956ع جي آئين ۾ سنڌ ۾ سنڌي شاگردن لاءِ اردو ۽ اردو شاگردن لاءِ سنڌي ٻولي کي لازمي قرار ڏنو ويو پر ان تي قانوني طرح عمل ڪرڻ بدران رڳو سنڌي شاگردن لاءِ اردو کي لازمي قرار ڏنو ويو، ون يونٽ جي خالق حڪمرانن جي ان سنڌ دشمن عمل خلاف سنڌ جي سياستدانن، استادن، شاگردن ۽ ٻين پڙهيل لکيل ماڻهن جدوجهد جي شروعات ڪئي. ان حوالي سان قاضي فيض محمد سميت شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، ابراهيم جويو ۽ ٻين سياستدانن آواز بلند ڪيو. سنڌي ٻولي جي بحالي لاءِ جدوجهد ان وقت شدت اختيار ڪئي، جڏهن ايوب خان جي دور حڪومت ۾ تعليمي سڌارن لاءِ قائم ڪيل ڪميشن 1962ع ڌاري پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. ڪميشن جي سفارشن تحت سنڌي ٻوليءَ کان اڳ مليل اڻ پورا حقن ۽ سهوليتون به واپس ورتيون ويون، سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي گهٽائي نصاب ۾ پنجين درجي تائين لازمي قرار ڏنو ويو. سنڌي پڙهندڙن جي ذريعي تعليم کي اردو بڻايو ويو. اردو ٻارن لاءِ سنڌيءَ جو لازمي پيپر ختم ڪيو ويو. سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت تي ٿيل ان حملي خلاف سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ احتجاج جي هڪ نئين لهر پئدا ٿي. سنڌ سميت ملڪ جي ساڃاهه وندن جنرل ايوب خان حڪومت جي ان عمل خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ تعليمي ڪميشن جون سفارشون سنڌين سان ناانصافي قرار ڏنيون. ان جدوجهد ۾ قاضي فيض محمد به وڌي چڙهي حصو ورتو. اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي 21 اهم اڳواڻن تعليمي ڪميشن جي سفارشن خلاف گڏيل بيان جاري ڪري ان عمل جي سخت نندا ڪئي. انهن 21 اڳواڻن ۾ قاضي فيض محمد به شامل هيو. سنڌ واسين جي ان جدوجهد بعد حڪومت مجبور ٿي 14 آڪٽوبر 1962ع تي سنڌي ٻولي جي ساڳي تعليمي حيثيت بحال ڪئي. ون يونٽ دور ۾ سنڌي ٻولي خلاف سازشن جو سلسلو پوءِ به بند نه ٿيو. ٻيو ڀيرو حيدرآباد جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ٽڪا خان ۽ ڪمشنر مسرور حسن به سنڌي ٻولي خلاف سازشون ڪيون. جنهن خلاف به سنڌ جي سياستدانن ۽ شاگردن عملي جدوجهد ڪري، آمر حڪمرانن جي سازشن کي بي نقاب ڪيو. ان سڄي جدوجهد ۾ قاضي فيض محمد شريڪ رهيو. آمر صدر ايوب خان جي حڪومت بعد جنرل يحيى خان حڪومت سنڀالي جڏهن نين چونڊن جو اعلان ڪيو ته ان وقت به سنڌي ٻولي جي حيثيت گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جنرل يحيى جي حڪومت 1970ع جي چونڊن لاءِ ووٽرن جون لسٽون صرف اردو ۽ بنگالي زبان ۾ شايع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. جنهن تي سنڌ جي ماڻهن سخت ردعمل ظاهر ڪندي ووٽر لسٽون سنڌي ٻولي ۾ به شايع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو موقف هيو ته هن کان 22 سال اڳ انگريزن جي دور ۾ به ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپيون هيون. ان بعد ون يونٽ جي شروعاتي دور ۾ به ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ شايع ڪيون ويون هيون. ان ڪري هاڻي به ووٽر لسٽون اردو ۽ بنگالي سميت سنڌي زبان ۾ به شايع ڪيون وڃن. حڪومت طرفان سنڌي ماڻهن جي ان جائز گهر کي تسليم نه ڪرڻ تي سنڌ جي عوام ٻيهر پنهنجي ٻولي جي جائز حيثيت لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪئي. 8 نومبر 1969ع تي شاگردن سنڌي ٻولي جي حق ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان بعد سڄي سنڌ ۾ علامتي بک هڙتالون شروع ٿي ويون. شاگردن جي انهن مطالبن جي پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سنڌ متحد محاذ جي صدر جي ايم سيد پڻ حمايت ڪئي. قاضي فيض محمد جيڪو ان وقت آل پاڪستان عوامي ليگ جو مرڪزي نائب صدر هو. ان پڻ شاگردن جي جدوجهد جي حمايت ڪئي. قاضي فيض محمد 11 نومبر 69ع تي اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ووٽر لسٽون سنڌي ۾ شايع نه ڪيون ويون ته پاڻ به مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪندا. حڪومت جي هٺ ڌرمي سبب قاضي فيض محمد 14 نومبر 69ع تي شاگردن سان گڏ بک هڙتال شروع ڪئي. عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان پڻ سنڌي ٻولي جي جائز حق جي انحرافي خلاف هلندڙ تحريڪ جي حمايت ڪئي. قاضي فيض محمد سنڌ جو پهريون سياستدان هو، جنهن عملي طرح ان تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي. جڏهن ته جي ايم سيد سميت ڪجهه ٻين سياستدانن ان تحريڪ جي مخالفت ڪندي، قانوني طريقي سان حق وٺڻ تي زور ڀريو. حڪومت هن تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ 18 نومبر جي رات بک هڙتالي ڪارڪنن جي ڪيمپ تي حملو ڪري قاضي فيض محمد سميت ٻين ڪارڪنن کي قيد ڪري ڇڏيو. قاضي فيض محمد ۽ ٻين شاگردن جيل ۾ به بک هڙتال جاري رکي. نيٺ حڪومت جدوجهد ڪندڙن جي آڏو گوڏا کوڙيا ۽ 28 نومبر تي ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ 29 نومبر تي ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ شايع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان بعد قاضي صاحب ۽ سندس ساٿين 30 نومبر تي بک هڙتال ختم ڪئي. قاضي صاحب کي 8 ڊسمبر تي جيل مان آزاد ڪيو ويو.

ملڪ ۾ 1970ع جي عام چونڊن ۽ 1971ع ۾ بنگلاديش جي قيام کان پوءِ 1972ع ۾ سنڌي ٻولي جي معاملي تي ٻيهر ان وقت تحريڪ باهه جيان ڀڙڪي پئي. جڏهن پي پي جي حڪومت 1973ع جي آئين ۾ باقي بچيل ملڪ جي اصلوڪين ٻولين سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو کي نظرانداز ڪندي اردو کي ملڪ جي اڪيلي قومي ٻولي قرار ڏنو. پ پ حڪومت 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان ”سنڌي ٻولي جو بل“ منظور ڪرايو. ان بل کي ”سنڌ ائڪٽ 1972ع“ سڏيو ويو. جنهن موجب پاڪستان جي عبوري آئين جي آرٽيڪل 267 موجب سنڌي ٻولي کي (قومي ٻولين جي حيثيت کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ) سنڌ جي صوبائي ٻولي طور استعمال ڪيو ويندو. سنڌي ٻولي کي ملڪ جي قومي ٻولي قرار ڏيڻ بدران فقط صوبائي حيثيت ملڻ تي اردو ڳالهائيندڙن طرفان سنڌ ۾ وڏي پئماني تي فساد ڪرايا ويا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي تي حملا ڪري کين قتل ڪيو ويو ۽ سندن ملڪيتن تي قبضا ڪيا ويا.

قاضي فيض محمد، جي ايم سيد ۽ ٻين اڳواڻن سنڌي ٻولي کي 1973ع جي آئين ۾ جائز مقام نه ملڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اڪيلي صوبائي ۽ دفتري ٻولي قرار نه ڏيڻ خلاف آواز بلند ڪيو ۽ حڪومت جي ان قدم جي سخت مذمت ۽ مخالفت ڪئي. انهن ڏينهن ۾ صدر ذوالفقار علي ڀٽو ڪراچي جي دوري تي آيل هو، جتي صدر ڀٽي، قاضي صاحب سميت ٻين سياستدانن کي گهرايو. ان موقعي تي قاضي فيض محمد صدر ڀٽو آڏو سنڌي ٻولي جو معاملو اٿاريو. پاڻ لکت ۾ صدر ڀٽي کي سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کان واقف ڪندي مطالبو ڪيو ته، سنڌي کي قومي ٻولي تسليم ڪيو وڃي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي واحد سرڪاري زبان تسليم ڪيو وڃي. صدر ڀٽي رجعت پرستن ۽ نسل پرست جي انهن هنگامن کان متاثر ٿي 10 جولاءِ تي راولپنڊيءَ ۾ ”لساني ڪانفرنس“ سڏائڻ جو اعلان ڪيو. سرڪاري طرح 5 سنڌي دانشورن ۽ 20 اردو دانشورن کي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جو دعوت نامو ڏنو ويو. سنڌ مان شروعات ۾ جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي، شيخ اياز ۽ قاضي فيض محمد ان ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ تيار ٿيا. پر بعد ۾ جي ايم سيد ۽ حسام الدين راشدي ڪانفرنس ۾ هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مجبورن قاضي صاحب کي اڪيلي سر راولپنڊي وڃي سنڌين جي نمائندگي ڪرڻي پئي. ڪانفرنس ۾ موجود 20 اردو دانشورن جي مقابلي ۾ پاڻ اڪيلا سنڌي ٻولي جي نمائندگي ڪندڙ هئا. قاضي صاحب ڪانفرنس ۾ اڪيلي سر سنڌي ٻولي جو ڪيس پيش ڪيو. سنڌ جي ماڻهن طرفان پنهنجي ٻوليءَ جي جائز حيثيت لاءِ پرامن احتجاج حڪومت تي ڪو اثر نه ڇڏيو. پي پي جي صدر ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت وڏي صوبي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي هڪ مخصوص اقليت جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي موت واري دستاويز تي صحيح ڪري سنڌ کي ٻن ٻولين وارو صوبو قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ ٻيو بل منظور ڪري سنڌ کي ٻه لساني صوبو تسليم ڪيو ويو. سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي به سنڌ صوبي جي سرڪاري ٻوليءَ قرار ڏنو ويو. پي پي حڪومت جو اهو عمل سنڌي ٻولي تي ڪاري وار ثابت ٿيو. سنڌ جا ماڻهو اڄ به پي پي حڪومت جي ان عمل جي سزا ڀوڳي رهيا آهن ۽ سنڌي ٻولي اڄ به پنهنجي ئي وطن ۾ عملي طرح بيدخل ٿيل آهي.

(نوٽ: هي مقالو ساهتي لٽرري فيسٽيول ڪنڊيارو، 24 مارچ 2018ع لاءِ لکيو ويو)

No comments:

Post a Comment