ڊائو يونيورسٽي جو پاڳل پروفيسر

 

ڊائو يونيورسٽي جو پاڳل پروفيسر

 رڪ سنڌي

ڪراچي جي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ هڪ تعصب پرست ڪارڊيو جي اسسٽنٽ پروفيسر سنڌي ٻولي ڳالهائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ڊائو يونيورسٽي ڪارڊيو جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊائو اسپتال جي اسٽاف کي پاڻ ۾ يا وري سنڌي مريضن سان سنڌي ۾ ڳالهائڻ تي نوٽيس جاري ڪيا آهن. يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر جي ان تعصب پرستي ۽ ڪريل حرڪت خلاف سڄي سنڌ ۾ تاءُ پکڙجي ويو آهي. جڏهن ته ڊائو جي ڊاڪٽرن اهڙي عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي نسل پرست سوچ رکندڙ پروفيسر خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي تعصب پرست اسسٽنٽ پروفيسر سنڌي ڳالهائڻ تي هڪ ڊاڪٽرياڻي کي نوٽيس جاري ڪيو آهي. ڊاڪٽرياڻي تي الزام آهي ته هن وارڊ ۾ مريضن سان سنڌي ڳالهائي ڏوهه ڪيو آهي.

ڊائو يونيورسٽي ڪارڊيو جي اسسٽنٽ پروفيسر سنڌي ٻولي تي پابندي ڪهڙي قانون تحت لاڳو ڪئي آهي. اهڙو تعصب پرست عمل ڪرڻ لاءِ کيس ڪنهن همٿايو آهي يا هن اهڙو ڪڌو عمل ذاتي طور ڪيو آهي. ان جي هڪدم جاچ ٿيڻ گهرجي. سنڌ حڪومت جو صحت وارو کاتو هڪدم اهڙي تعصب پرست ۽ پاڳل شخص کي عهدي تان هٽائي. جيڪو سنڌ جي شهرين ۾ نفرت جو ٻج ڇٽي رهيو آهي.

ثقافت کاتي جي وزير سردار شاهه ڊائو يونيورسٽي اندر سنڌي ٻوليءَ تي پابندي لڳائڻ خلاف سخت رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌيءَ ٻوليءَ تي پابندي ڪو چريو ئي لڳائي سگهي ٿو، معاملي جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سنڌ ۾ رهي سنڌي نه ڳالهايون. هن چيو آهي ته پروفيسر جي ان عمل خلاف وڏي وزير کي به ڄاڻ ڏينداسين. اسان ثقافت کاتي جي وزير جي ان عمل جي ساراهه ڪندي وري به کيس ياد ڏياريون ٿا ته اهو نوٽيس فقط بيان جي حد تائين نه هجڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هي هڪ حساس نوعيت جو معاملو آهي.
هن پاڳل قسم جي پروفيسر کي جيڪڏهن اها خبر ناهي ته ڪراچي سنڌ جي گادي وارو شهر آهي ته پوءِ ان کي ان اهم عهدي تي مقرر ڪندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي. ان سان گڏ ان پروفيسر جي دماغي معائنو به ڪرائڻ گهرجي، جيڪو ڊائو يونيورسٽي کي ڪراچي بدران لکنو ۾ سمجهي ٿو.

اسان کي خبر نه ٿي پوي ته ڪجهه اردو ڳالهائيندڙ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ هن ديس جي ماڻهن سان نفرت ڪري ڇا حاصل ڪرڻ گهرن ٿا. آخر هي تعصب پرست ٽولو جنهن وڻ تي آکيرو ٺاهي ويٺو آهي، ان کي نقصان رسائڻ ڇو ٿو گهري. ان تعصب پرست ٽولي جي شرمناڪ حرڪتن سان پاڪستان ڪيترو ڀوڳيو آهي، ان جو به حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي. سندن ان ئي تعصب پرستي سبب ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو، پوءِ به سندن نفرت واري باهه ٿڌي نه ٿي ٿئي. ڇا هو هاڻي باقي بچيل ملڪ خلاف به سندرو ٻڌي بيٺا آهن. آخر هنن جو پاڪستان ڏانهن ڪهڙو پلاند رهيل آهي؟ جيڪو هو هتان جي اصل ڌرتي ڌڻين سان نفرت ڪري چڪائڻ گهرن ٿا.

(سنڌ جي مختلف اخبارن ۾16 مارچ 2018ع تي شايع ٿيل)

No comments:

Post a Comment