منهنجون يادگيريون

 

منهنجون يادگيريون

رڪ سنڌي

منهنجو جنم ڪنڊيارو شهر ڀرسان ڳوٺ حامد اڄڻ ۾ ٿيو. اسڪول رڪارڊ موجب ڄمڻ جي تاريخ 05 آگسٽ 1961ع لکيل آهي، ڳوٺن ۾ ٻار جي ڄمڻ وقت اڪثر ڪري سندس ڄم جي تاريخ لکي نه ويندي هئي. جڏهن ٻار 5 سالن جي عمر تائين پهچندو هو ته اسڪول ۾ داخلا وقت ماستر طرفان ڌڪي تي ڄمڻ جي تاريخ جنرل رجسٽر ۾ رکي ويندي هئي. آئون جنهن ڳوٺ ۾ پئدا ٿيس اتي ٻن ڪمرن تي ٻڌل هڪ پرائمري اسڪول موجود هيو، جتي ڀر واري ڳوٺ مان ئي ٻه ماستر مقرر ٿيل هئا. جن ۾ مون کي اڄ به ياد آهي ته استاد محمد بخش اڄڻ، جيڪو ڀر واري ڳوٺ نڀهندو اڄڻ جو رهواسي هيو، تمام هوشيار استاد هوندو هو. هو خاص ڪري سنڌي ٻولي جي حوالي سان انتهائي ڀڙ هو، ٻارن جي سنڌي زبان جي صحيح تلفظ ۽ صورتخطي تي گهڻو ڌيان ڏيندو هو. اسان جي اسڪول ۾ صفائي لاءِ ڪوبه ملازم مقرر نه هيو، جنهن ڪري اسان ٻار واري واري تي اسڪول جي صفائي ڪري پاڻي جو ڇڻڪار ڪندا هئاسين. جڏهن مان 5 درجا سنڌي پاس ڪيا ته مون کي ڪنڊيارو شهر جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ داخل ڪرايو ويو. اسان ڳوٺ جا ٻار جڏهن شهر جي اسڪول ۾ ويندا هئاسين ته اتي شهر جي سکين ستابن ماڻهن جا ٻار ڏسي، ڏاڍو عجيب لڳندو هو. شهر جا ٻار اسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چالاڪ ۽ حرفتي هوندا هئا. جن کي ڏسي اسان ۾ به ڪجهه چالاڪي پئدا ٿيڻ لڳي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ اسان کي ٻين سبجيڪٽن سان گڏ عربي به هڪ سبجيڪٽ طور پڙهائي ويندي هئي. جيڪا آخر تائين اسان سکي نه سگهياسين. عربي سبجيڪٽ جو پيرڊ اسان ٻارن لاءِ مصيبت بڻيل هوندو هو، جيتوڻيڪ عربي پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيل استاد ڏاڍو هوشيار هوندو هو، پر اسان کي عربي جا گردان وغيره ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آيا. اسان ٻارن ۾ عربي سبجيڪٽ بابت ڪيترائي ڀوڳ به ٿيندا هئا. هڪ استاد جيڪو سائنس پڙهائيندو هو، جڏهن ان سان عربي سبجيڪٽ جي مشڪلاتن بابت ڳالهه ڪئي ته هن ڀوڳن ۾ اسان کي سنڌي مان عربي لفظ ترجمو ڪرڻ جو سولو طريقو سمجهايو. هن ڀوڳن ۾ چيو ته هر هڪ سنڌي لفظ جي پويان “تن” لڳائيندا ته اهو عربي ٿي ويندو. جيئن خوف لاءِ خوفتن، جاهل لاءِ جاهلتن. جڏهن اسان عربي جي استاد آڏو سنڌي لفظن جو ترجمو ان فارمولا تحت ڪرڻ شروع ڪيو ته هو ڏاڍو بگڙي پيو ۽ سائنس جي استاد بابت ڪاوڙ مان چوڻ لڳو ته اهو ته ڪافر آهي. اسان کي ان وقت اها خبر پئجي نه سگهي ته اهو ڪافر وري ڪهڙي بلا جو نالو آهي.

منهنجو والد مذهبي قسم جو ماڻهو هيو. جنهن گهر جي اندر به عورتن جي عبادت لاءِ مسجد جوڙائي هئي. جڏهن ته 5 گهرن جي ويڙهي لاءِ گهرن ٻاهران به هڪ ننڍڙي مسجد جوڙايل هئي. جتي نمازين جو ڪو گهڻو تعداد نه هوندو هو. اڪثر ڪري رمضان شريف ۾ روزي کولڻ وقت ڳوٺ جي ماڻهن جو وڏو تعداد مسجد ۾ ضرور ايندو هو. گهر واري مسجد ۾ ويڙهي جي عورتن کي مون ڪڏهن به نماز پڙهندي نه ڏٺو هيو. باقي منهنجي امڙ ۽ ڏاڏي فقط ثواب خاطر سج لهڻ کان پوءِ مسجد ۾ ڏيئو ٻارڻ ضرور اينديون هيون. جڏهن آئون اسڪول ۾ پڙهندو هيس ته رمضان شريف ۾ منهنجي ڪلاس جا ٻار روزو رکي ايندا هيا يا چوندا هئا ته کين روزو آهي. هو مون کان به پڇندا هيا ته روزو رکيو اٿئي. نيٺ هڪ ڏينهن مون به همت ڪري زندگيءُ جو پهريون روزو رکيو. اهي شايد جون يا جولاءِ جا گرم ڏهاڙا هيا، منجهند جو سخت گرمي سبب اڃ سبب ڳلو خشڪ ٿي ويو ۽ ڏاڍو پريشان ٿيڻ لڳس. گهرن جي ٻاهران مسجد ۾ رمضان شريف ايندي ئي ٺڪر جا نوان ڪنورا ۽ مٽ وٺي ليار ۽ ٽالهي جي وڻن هيٺان ڇانو ۾ رکيا ويندا هئا. ٻن پهرن جي نماز لاءِ ٻانگ اچڻ تي مان به رڙهي سڙي مسجد پهتس. جڏهن وضو ڪرڻ لاءِ ٺڪر جي نئين ڪنوري مان پاڻي گورڙي ڪرڻ لاءِ وات ۾ وڌو ته منهنجي ته دنيا ئي بدلجي وئي. سخت گرمي ۾ روزي سبب ٿڌو پاڻي وات ۾ وجهڻ سان مون کي ايڏي ته فرحت ۽ سڪون مليو جو مان بنا ساهي جي ٻه ٽي ڍڪ پي ويس. ان ڏينهن کان پوءِ شايد ئي مون ڪڏهن روزو رکيو.

منهنجو والد ڳوٺ ۾ ننڍڙو دڪان کولي پيو گهر جو چرخو هلائيندو هيو. اسان ڀائر به هٿ ونڊائڻ خاطر دوڪان تي وڃي وهندا هياسين. پاڻ هر جمعي تي ڳوٺ کان ڪجهه ميل پري هڪ بزرگ جنهن کي لوڙهي وارو پير سڏيندا هيا، ان جي درگاهه تي وڃي نماز پڙهندو هيو. والد صاحب وس پڄندي، جمعي جي نماز ان درگاهه تي ادا ڪرڻ کان نه گسائيندو هيو. ڪڏهن ڪڏهن مان به ساڻس گڏ ويندو هيس. مون کي ان درگاهه ۽ ان جي پير ۾ ڪابه دلچسپي نه هوندي هئي، پر اصل دلچسپي سندس درگاهه تي بيٺل پيوندي انبن ۾ هوندي هئي. مان فقط درگاهه جي باغ ۾ ڇڻي پيل انب کڻي گهر ايندو هيس.

 

 

ڪاليج واري زندگي

 

جڏهن مون جون 1977ع ۾ ميٽرڪ سائنس جو امتحان پاس ڪيو ته والدين انٽرميڊئيٽ پڙهائڻ لاءِ پهريان ته خيرپور جي سپيرئير سائنس ڪاليج موڪليو. ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪنڊيارو ۾ ڪاليج قائم ٿئي، اڃا ٿورو عرصو ٿيو هو. والدين موجب ڪنڊيارو ڪاليج ۾ اڃا ٽيچنگ اسٽاف اڻ پورو هو، جنهن ڪري منهنجي خيرپور جي ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ ضروري هئي. جتي 3 کان 4 مهينا تعليم حاصل ڪري سگهيس، بعد ۾ ٽرانسفر سرٽيفڪيٽ (ٽي سي) وٺي اچي ڪنڊيارو ڊگري ڪاليج ۾ داخلا ورتي. جتان مارچ 1980ع ۾ انٽرميڊيٽ پري انجنيئرنگ گروپ ۾ پاس ڪئي. ڪنڊيارو ڪاليج ان وقت شاگرد سياست جو مرڪز هو، خاص ڪري ڪاليج ۾ ٻه شاگرد تنظيمون سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن (سپاف) ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن (جساف) خاص طور تي متحرڪ هيون. اهو جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا جو دور هو. جنرل ضياءَ سرڪاري آفيسن سميت ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ٻن پهرن جي نماز لازمي قرار ڏني هئي. اسان جي ڪاليج جي پرنسپال حڪم جاري ڪيو ته سڀ شاگرد ۽ استاد ٻن پهرن جي نماز ضرور ادا ڪن، ان لاءِ نماز جو وقفو مقرر ڪيو ويو. اهو حڪم شاگردن مٿان جبل جي ڇپ بڻجي ڪري پيو. ڪو به شاگرد سرڪاري حڪم تي ڪاليج جي پارڪ ۾ نماز ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. اسان خاص ڪري شاگرد تنظيمن سان لاڳاپيل شاگرد ان حڪم سبب مشڪلات ۾ مبتلا ٿي وياسين. ان حڪم مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ هيلا بهانا گهڙڻ لڳاسين. آخرڪار ڪجهه شاگردن گڏجي مشورو ڪيو ته اهڙو ڪو عمل ڪجي جو اسان مٿان نماز واري پابندي ختم ڪئي وڃي. جنهن لاءِ هڪ ٽرڪ اها سٽي ته اسان سڀ هم خيال شاگرد نماز لاءِ ٻين شاگردن کان اڳ پارڪ ۾ داخل ٿينداسين ۽ هڪ شاگرد عربي بدران سنڌي ۾ آذان ڏيندو. ان ئي حڪمت عملي هيٺ اسان ٻئي ڏينهن نماز جي ادائيگي لاءِ سڀني کان اڳ پارڪ ۾ پهتاسين. آذان ڏيڻ جو ڪڻو هڪ دوست جو نڪتل هو. ان ڪري هن پارڪ ۾ سنڌي ۾ آذان ڏيڻ شروع ڪئي. “الله وڏو آهي، الله وڏو آهي، اچو نماز طرف، اچو نماز طرف، اچو راهه نجات طرف، اچو راهه نجات طرف.” اهڙي طرح هن سنڌي ۾ آذان ڏيڻ شروع ڪئي ته ڪاليج جا ٻيا شاگرد ۽ استاد پارڪ جي چوڌاري گڏ ٿي ويا ۽ اسان جي گروپ کي عجيب نظرن سان ڏسڻ لڳا. ڄڻ ته سنڌي ۾ آذان ڏئي اسان ڪو وڏو ڏوهه ڪيو هو. آخرڪار ڳالهه پرنسپال وٽ پهتي، جنهن ٻئي ڏينهن اسان جي 8، 10 شاگردن جي گروپ کي پاڻ وٽ طلب ڪيو. گڏجاڻي دوران ڪاليج مان نيڪالي ڏيڻ سميت پوليس حوالي ڪرڻ جا داٻا ڏنا ويا. گڏجاڻي ۾ اسان جي ڌر اهو موقف اختيار ڪيو ته اسان سنڌي ۾ آذان ان ڪري ڏني ته جيئن شاگرد سمجي سگهن ۽ نماز طرف اچن. اسان سنڌي ۾ آذان ڏئي ڪو ڏوهه نه ڪيو آهي. ڪجهه استادن اسان کي بچائڻ لاءِ اسان جي موقف جي حمايت ڪئي. پرنسپال صاحب آخر ۾ فيصلو ڏنو ته اوهان 10 ئي ڄڻا ڪڏهن به نماز ادا ڪرڻ لاءِ پارڪ ۾ داخل نه ٿيندا.

 

 

بي روزگاري دوران شادي

 

آئون ڪاليج مان انٽرميڊيٽ جو امتحان ڏئي پورو ڪيو ته والدين ڪنڊيارو مان لڏي سڪرنڊ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. جنهن بعد مون گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج نواب شاهه ۾ بيچلر آف آرٽ (بي اي) ڪرڻ لاءِ داخلا حاصل ڪئي. جتان 1983ع ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد نوڪري جي تلاش کي لڳي ويس. جنهن دوران مون کي يونين ڪائونسل پير ذاڪري سڪرنڊ ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ملي وئي. جيڪا لڳاتار 3 سال کن جاري رهي. بعد ۾ يونين ڪائونسل جا فنڊ گهٽجي وڃڻ سبب مون سميت ٻن ڄڻن کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو. آئون اڃا بي روزگار هئس ته والدين تي منهنجي مڱيندي جي مائٽن طرفان زور وڌو ويو ته منهنجي شادي ڪرائي وڃي. ڇاڪاڻ ته هو نياڻي کي وڌيڪ ويهاري نه ٿا سگهن. آخرڪار مجبوري ۾ منهنجي شادي 12 مارچ 1987ع تي خانواهڻ شهر مان منهنجي ويجهن عزيزن مان ڪرائي وئي. شادي ٿيڻ وقت آئون بي روزگار هيس. والدين به غريب هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجو ڪراچي ۾ پنهنجي عزيزن ناظم منگي ۽ ظفر منگي وٽ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، جيڪي سنڌ انسپيڪٽوريٽ آف مائينس ڪراچي هيڊ آفيس ۾ ملازمت ڪندا هئا. جتي منهنجي انسپيڪٽوريٽ آف مائينس سنڌ جي چيف انسپيڪٽر بشير احمد انصاري سان به ملاقات ٿيندي رهندي هئي. جيڪو انتهائي سنڌ دوست آفيسر هيو ۽ ادب ۽ سياست سان به خاصي دلچسپي هيس. منهنجي ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن هجڻ سبب ڪافي عزت ڪندو هو. جڏهن منهنجي شادي ٿي ته ان ئي ڏهاڙي منهنجي ويجهي عزيز ناظم الدين منگي چيف انسپيڪٽر بشير احمد انصاري کي فون ڪري ٻڌايو ته ڪامريڊ جي شادي ته ٿي وئي آهي، پر بي روزگاري سبب زال ڪيئن پاليندو. جنهن تي هن کيس ٽهڪ ڏئي جواب ڏنو ته ٻن ڏينهن بعد ڪراچي اچي مون سان ملي. شادي جي ٽئين ڏهاڙي آئون ڪراچي پهچي چيف انسپيڪٽر بشير احمد انصاري سان ملاقات ڪئي. جنهن مون کي پنهنجي اداري ۾ 15 مارچ 1987ع تي ڪلارڪ طور مقرري جو آرڊر ڏنو. اهو اطلاع ڳوٺ پهچڻ تي خوشي جي لهر پکڙي وئي. سڀ عزيز منهنجي زال فهميده کي ڀاڳ واري قرار ڏيڻ لڳا. ڇاڪاڻ ته ساڻس شادي جي ٽئين ڏينهن مون کي نوڪري ملي هئي.

آئون شادي بعد ڪراچي ۾ ڪجهه دوستن سان گڏ رهندو هيس. پگهار گهٽ هجڻ سبب گهر وارن ڏانهن سندن ضرورت مطابق خرچ به نه موڪلي سگهندو هئس. شادي جي ٽن سالن کان پوءِ مون کي پهريون فرزند سوجهرو پئدا ٿيو. جڏهن والد صاحب غلام جعفر منگي لاڏاڻو ڪري ويو ته ان وقت منهنجو وڏو ڀاءُ قربان منگي ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيد هيو. بابا جي وفات بعد گهر ڀاتين کي اڪيلو سڪرنڊ ۾ ڇڏي نه پئي سگهيس. جنهن ڪري والد جي وفات کان ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ مون گهر ڀاتين کي به 1991ع ۾ ڪراچي شفٽ ڪيو، ان وقت منهنجي لياري ۾ رهائش هئي. آئون شروع کان ئي وٺي، عورتن جي پردي جي خلاف هوندو هيس، ان ڪري ڪراچي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ بعد منهنجي زال برقعي کي سولي سنڌيءُ ۾ ٽي طلاقون ڏئي ڇڏيون. هن سڪرنڊ جهڙي ننڍڙي شهر مان ڪراچي شفٽ ٿيڻ بعد ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اردو به سکي ورتي. جنهن ڪري مارڪيٽ مان سودو سلف آڻڻ ۽ ٻارن کي شهر جي تفريحي ماڳن تي گهمائڻ جو بار به پنهنجي ڪلهن تي کڻي ورتو. ڪراچي شفٽ ٿيڻ جي ڪجهه ئي مهينن اندر منهنجي ٻئي نمبر پٽ سارنگ 24 فيبروري 1992ع تي جنم ورتو. سندس جنم کارادر جي مرڪزي ايڌي اسپتال ۾ رات جي وقت ٿيو. اسپتال ۾ منهنجي گهر واري اڪيلي هئي، اسان ڪنهن به مٽ مائٽ کي اڳواٽ گهرائي نه رهايو هو. منهنجي گهر واري لاءِ ڪنهن اسپتال ۾ اڪيلي سر ٻار کي جنم ڏيڻ جو اهو پهريون ۽ ڪامياب تجربو هو. نه ته ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن ۾ اڪثر ٻار جي جنم وقت عورت سان مائرون، نانيون، چاچيون ۽ ماسيون ولر جي صورت م موجود هونديون آهن. جيڪي آٿت ٿيڻ بدران ويتر سندس گهر جو سڪون تباهه ڪري ڇڏينديون آهن.

انسپيڪٽوريٽ آف مائينس ۾ ملازمت دوران منهنجا ڪراچي ۾ سياسي دوستن سان لاڳاپا ٻيهر بحال ٿي ويا. ڪراچي ۾ سنڌ جي حوالي سان ٿيندڙ سيمينارن، ثقافتي پروگرامن سميت سياسي گڏجاڻين ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيو. انسپيڪٽوريٽ آف مائينس جو چيف انسپيڪٽر بشير انصاري ان وقت انگريزي ۾ “مائيننگ” نالي سان ماهوار رسالو شايع ڪندو هو. جنهن جو هن مون کي انچارج مقرر ڪيو. ان ڪري مان اڪثر ڪري آفيس ۾ ڊيوٽي ڏيڻ بدران رسالي جي چپائي ۽ مواد گڏ ڪرڻ جو ڪم ڪندو هوس.بعد ۾ صحافت ۾ اچڻ بعد مون 15 اپريل 1992ع تي انسپيڪٽوريٽ آف مائينس جي ملازمت تان استعيفى ڏئي ڇڏي.


سياست

 

آئون شروع کان ئي وٺي قومپرست ۽ سنڌ دوست خيال رکندڙ هيس. اسڪول ۾ پڙهائي دوران مون ٻارڙن جي علمي ادبي تنظيم چڻنگ سنگت ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان وقت سن مان ناز سنائي چڻنگ رسالو شايع ڪندو هو. پهريان مان چڻنگ رسالو وٺي پڙهڻ شروع ڪيو ۽ سندس ايڊيٽر ناز سنائي کي خط لکڻ لڳس. خطن جي معرفت ناز سنائي سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي ته هڪ ڏينهن هو پاڻ سرور سهتي سان گڏ اچي مون وٽ پهتو. سرور سهتي جو واسطو جيئي سنڌ تحريڪ سان هو. اهڙي طرح مان چڻنگ سنگت ۾ نه فقط ميمبر شپ حاصل ڪئي، پر ان جا ٻيا ڇپجندڙ ڪتاب به گهرائڻ لڳس. مون پنهنجي لکڻ جي شروعات به چڻنگ رسالي کان ڪئي. ان دور ۾ اصغر آزاد منگي جي نالي سان لکندو هيس. ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو ۾ پڙهڻ دوران ئي منهنجو واسطو شاگرد تنظيم جساف جي دوستن سان ٿيو. انهن سان گڏ جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد سان به ملاقاتون ٿيون. منهنجي سائين جي ايم سيد سان پهرين ملاقات 17 جنوري 1981ع تي سندس سالگرهه جي موقعي تي سن ۾ ٿي. ان پهرين ملاقات ۾ ماڻهن جي پيهه سبب ويجهڙائي کان کيس ٻڌڻ جو موقعو ملي نه سگهيو، پر فقط سندس جلسي ۾ ڪيل تقرير ٻڌي. جنهن بعد ڪجهه ئي عرصي بعد سائين جي ايم سيد سان درياهه واري بنگلي تي ڪجهه دوستن سان گڏ ملاقات ٿي. سائين جي ايم سيد جي اها خوبي هوندي هئي ته نه فقط پاڻ ڳالهائيندو هو، پر ٻئي ماڻهو جي به ڳالهه ٻڌندو هو. سن ۾ هڪ رات سيد جي بنگلي تي رهڻ به ٿيو. سائين جي ايم سيد اسان سڀني سان گڏجي ماني کاڌي ۽ ڪچهري به ڪندو رهيو. پاڻ پنهنجي ڪارڪنن جي کاڌي پيتي ۽ رهائش جو خاص خيال رکندو هو. 

جڏهن 14 آگسٽ 1983ع کان جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا حڪومت خلاف مختلف سياسي پارٽين طرفان جمهوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي(Movement for Restoration of Democracy)  جي پليٽ فارم تان تحريڪ جي شروعات ڪئي وئي ته ان دوران آئون سڪرنڊ ۾ رهندو هيس. ايم آر ڊي جي سڏ تي سڪرنڊ ۾ به احتجاجي مظاهرا شروع ڪيا ويا ۽ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان گرفتاريون پيش ڪيون وينديون هيون. جيتوڻيڪ ان وقت منهنجو پي پي پي سان ڪوبه سياسي لاڳاپو نه هيو، پر سنڌي ماڻهو ان تحريڪ ۾ ايم آر ڊي سان لاڳاپي بدران مارشل لا حڪمرانن سان نفرت جي بنياد تي وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا هئا. آئون به ايم آر ڊي جي مظاهرن ۽ جلوسن ۾ شريڪ ٿيندو هيس. جلوسن ۾ شامل اڪثر ماڻهن کي ايم آر ڊي جي نقطي نظر ۽ مطالبن سان ڪابه دلچسپي نه هوندي هئي، هو فقط ان ڪري تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪري رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته اها جدوجهد فوجي حڪمرانن خلاف هلي رهي هئي. اهو ئي سبب هيو جو ان تحريڪ ۾ اهي قومپرست پارٽيون، اديب، ليکڪ ۽ صحافي شريڪ ٿي رهيا هئا، جيڪي ايم آر ڊي ۾ شامل پارٽين جي سياسي نقطي نظر سان اختلاف رکندا هئا. فوجي حڪمرانن سنڌ ۾ ان تحريڪ کي سختي سان ڪچلڻ شروع ڪيو. ايم آر ڊي تحريڪ دوران 29 سيپٽمبر 1983ع تي سڪرنڊ کان ڪجهه ڪلوميٽر پري نيشنل هاءِ تي ڳوٺ پنهل چانڊيو سميت ڪجهه ٻين وسندين جي ڳوٺاڻن پاڪ ڪتاب کڻي ڌرڻو هنيو. معصوم ۽ بي هٿيار ڳوٺاڻا روڊ تي قرآن خواني ڪري رهيا هئا ته فوج جي گاڏين سندن گهيراءُ ڪري ورتو ۽ کين ڌرڻو ختم ڪرڻ جو چتاءُ ڏيڻ بنا مٿن جديد هٿيارن سان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني. جنهن ۾ 16 ڳوٺاڻا ٿڏي تي شهيد ڪيا ويا. جڏهن ته 45 کان وڌيڪ سخت زخمي ٿي پيا. جن کي فوجي ٽرڪن ۾ سٿي نواب شاهه اسپتال نيو ويو. ڌرڻي واري هنڌ تان جلوس جي اڳواڻي ڪندڙ پنهل خان چانڊيو سميت ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا. جڏهن سڪرنڊ ۾ ان واقعي جي خبر پئي ته شهر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو، ڪاوروبار بند ٿي ويو ۽ سوين ماڻهو رستن تي نڪري آيا. جن فوجي حڪومت خلاف سخت ڪاوڙ ۽ نفرت جو اظهار ڪيو. آئون ۽ ڪجهه ٻيا ساٿي نيشنل هاءَ وي بند هجڻ سبب سائيڪلن تي چڙهي ٻنين مان ننڍن ننڍن پيچرن رستي ڳوٺ پنهل خان چانڊيو پهتاسين. جتي هر گهر ۾ ماتم متل هيو. مون کي ياد ٿو پوي ته ان موقعي تي سائين جي ايم سيد جو پٽ امداد محمد شاهه شهيدن جا لاش کڻائي پهتو ۽ سندن تدفين جو بندوبست ڪيو ويو. ان قتل عام خلاف سڪرنڊ سميت نواب شاهه، قاضي احمد ۽ ٻين شهرن ۾ ڪيئي ڏينهن مڪمل هڙتال رهي ۽ احتجاجي مظاهرا ٿيندا رهيا. جن ۾ سنڌي ماڻهو بنا ڪنهن پارٽي وابستگيءَ جي شريڪ ٿيندا رهيا.

 

لکڻ جي شروعات

 

منهنجو شروع کان ئي ڪتاب خريد ڪري يا دوستن کان وٺي پڙهڻ ڏانهن لاڙو هوندو هو. خاص ڪري سائين جي ايم سيد جا ڪافي ڪتاب مطالعو ڪيا، ان سان گڏ ڊاڪٽر نجم عباسي جون ڪهاڻيون، تنوير عباسي جي شاعري جا ڪتاب سميت ان وقت ۾ شايع ٿيندڙ ادبي رسالا شوق سان وٺي پڙهندو هيس. انهن ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد جي هڪ ڪتاب “جيئن ڏٺو آهي مون” تي ڪافي گوڙ متل هيو. مذهبي ڌرين جي ماڻهن ان ڪتاب لکڻ تي سائين جي ايم سيد کي پنهنجي طرفان ڪافر قرار ڏئي ڇڏيو ۽ حڪومت به ملن جي دٻاءُ ۾ اچي ڪتاب تي پابندي مڙهي ڇڏي. ڪتاب جي حمايت ۽ مخالفت ۾ ڳالهيون ٻڌڻ بعد مون ۾ به ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ جو شوق جاڳيو. هڪ دوست کان ڪتاب هٿ ڪري وقفي وقفي سان ٻه کان ٽي ڀيرا ڪتاب جو مطالعو ڪيو. جنهن بعد ئي مون کي ڳالهيون سمجهه ۾ اچڻ لڳيون. اصل ۾ ان ڪتاب منهنجي نظرين ۽ خيالن ۾ وڏي تبديلي آندي. سائين جي ان ڪتاب مون کي نئين علم ۽ فڪر کان ورشناس ڪرايو. ڪاليج جي دور ۾ ئي ڪچيون پڪيون لکڻيون لکڻ شروع ڪيون. جڏهن ته 1979ع ۾ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪالم ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا. انهن ڏينهن ۾ ڪراچي مان امداد علي اوڍو سنڌ سجاڳ رسالو ڪڍندو هو، ان ۾ لکڻ شروع ڪيو. ان وقت ملڪ تي جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا مڙهيل هئي، لکڻ، ڪتاب ڇپائڻ وغيره وڏي جوکم جو ڪم هوندو هو. منهنجو شروع ۾ مارڪسزم ۽ ليننزم ڏانهن لاڙو هوندو هو. اردو سميت سنڌي ٻولي ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم تي ڪافي ڪتاب مطالعو ڪيا. آئون روس جي سوشلسٽ اڳواڻ ڪامريڊ جوزف اسٽالن کان ڪافي متاثر هيس، جنهن ڪري فوجي حڪومت دوران اصل نالي بدران لکڻ لاءِ “رڪ سنڌي” تخلص اختيار ڪيو. منهنجو اهو تخلص ايترو ته مشهور ٿيو، جو ماڻهن کان منهنجو اصل نالو غلام اصغر منگي وسري ويو. شروعاتي دور ۾ روزاني هلال پاڪستان ڪراچي ۾ به ڪافي مضمون لکيا. جن جو موضوع سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا مسئلا هوندا هئا. هلال پاڪستان ۾ فقير محمد لاشاري هفتيوار مئگزين ڪڍندو هو، جنهن ۾ منهنجا ڪافي مضمون شايع ٿيا. 

سڪرنڊ ۾ رهائش دوران مشهور شاعر خاڪي جويو، عبدالحڪيم ارشد ۽ تاج جويو سميت مير محمد پيرزادي سان اڪثر ڪچهريون رهنديون هيون. اسان گڏجي سڪرنڊ ۾ ادبي سنگت کي به فعال ڪيو ۽ سياسي سرگرمين ۾ به حصو وٺندا رهياسين. اسان جي سنگت ۾ هڪ ٻيو دوست الطاف مگسي به هيو، جيڪو نه فقط ليکڪ پر سٺو سماجي ڪارڪن به هيو. ادبي پروگرام ڪرائڻ ۾ ڪافي سرگرم رهندو هو. مون سان 24 ڊسمبر 1981ع تي سڪرنڊ جي ڳوٺ دڙي مگسي ۾ ڳوٺ سڌار سنگت طرفان شام ملهائي ويئي. ان پروگرام جو سڄي بندوبست الطاف مگسي طرفان ڪيو ويو هو. ان تقريب ۾ حاجي خان ڪيريو، مير حسن مگسي، ظفر عباسي، الطاف مگسي سميت ٻين دوستن منهنجي ادبي خدمتن تي تقريرون ڪيون. جڏهن ته لانڊي جيل ۾ قيد نوجوان اديب ناز سنائي طرفان مون تي لکي موڪليل مقالو به پڙهي ٻڌايو ويو. سڪرنڊ ۾ رهائش دوران منهنجي ويجهن دوستن ۾ لطيف پيرزادو ۽ مشتاق سومرو به شامل هيا. جن سان اڪثر سياست تي بحث ٿيندا هئا ۽ تاريخي جايون گهمڻ جا به پروگرام رٿيا ويندا هئا. آئون، مشتاق سومرو ۽ لطيف پيرزادو گڏجي سنڌ جا تاريخي ماڳ گهمڻ جو پروگرام رٿيو. جنهن تحت ڪوٽڏجي قلعو، ڪوٽڏجي جا تاريخي آثار، هالاڻي جو تاريخي مندر ۽ ٻيون تاريخي جايون گڏجي ڏٺيون ۽ ڦوٽو گرافي به ڪئي. اپريل 1983ع ۾ مون، خاڪي جويو، ناز سهتو ۽ ٻين دوستن سان گڏجي ٺٽي ۾ مڪلي جي تاريخي قبرستان ۽ ٻين تاريخي هنڌن جو به ٻه ڏينهن سير ڪيو ۽ ڦوٽوگرافي پڻ ڪئي وئي. خاص ڪري ڪوٽڏجي جا قديم آثار ڏسڻ بعد ان بابت لکيل مواد هٿ ڪري پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. اتان ئي منهنجو قديم تهذيب ۽ تاريخ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق پئدا ٿيو. مون کي ننڍي هوندي کان ئي تاريخي جايون ۽ قديم آثار ڏسڻ جو ڪافي شوق هوندو هيو. خاص ڪري سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتاب خريد ڪرڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڪافي دلچسپي هوندي هئي. جيڪڏهن ڪو اهم ڪتاب مارڪيٽ ۾ دستياب نه هوندو هو ته خاڪي جويو جي گهر ۾ قائم ڪيل لائبرري مان کڻي پڙهندو هوس. خاڪي جويو وٽ گهر ۾ ڪافي وڏي لائبرري هوندي هئي. جنهن ۾ تاريخ، سياست ۽ شاعري سميت هر موضوع تي ڪيئي ڪتاب موجود هوندا هئا. خاڪي جويو جو جيئن ته ڪاوروبار ئي ڪتاب وڪرو ڪرڻ هوندو هو، ان ڪري هو هر سٺو ڪتاب پنهنجي لائبرري ۾ ضرور رکندو هو. مون شروع ۾ ڪميونزم ۽ سوشلزم تي ڪيترائي اهم ڪتاب خاڪي جويو جي لائبرري مان کڻي پڙهيا.

مون سڪرنڊ ۾ رهائش دوران سنڌي ٻولي ۾ ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ جون 1984ع ۾ ساڻيهه اشاعت گهر حيدرآباد جو بنياد وڌو. ان اشاعت گهر طرفان قومپرست لٽريچر سميت سوشلزم جي حوالي سان مختلف موضوعن تي ڪتاب شايع ڪرايا. جڏهن جنرل ضياءَ جي دور ۾ پريس تي پابنديون وڌيڪ سخت ڪيون ويون ته ڪتاب ڪمپوز ڪرائڻ ۾ ڪافي مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون. جنهن ڪري ڪيترائي ڪتاب ڪمپوز ڪرائڻ بدران هٿ سان لکي آفسيٽ پرنٽنگ پريس تي شايع ڪرايا. مون آگسٽ 1989ع ۾ ماهوار رسالو سنڌو ڌارا سڪرنڊ کان جاري ڪيو. جنهن جو باقاعدي ڊڪليئريشن به حاصل ڪيو، پر وسيلن جي اڻ هوند سبب ٻن شمارن کان وڌيڪ ان رسالي کي جاري رکي نه سگهيس.

ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران سرڪاري نوڪريءَ سبب اڪثر مهيني ۾ هڪ ڀيرو ڳوٺ سڪرنڊ وڃڻ ٿيندو هو. سو به تڏهن جڏهن پگهار ملندي هئي. شام جي وقت سنڌ دوست انقلابي تنظيم جي ساٿين سان اڪثر ڪراچيءَ جي ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ سنڌي آبادين ۾ ڪچهريون مچائيندا هئاسين. ڪچهرين جو موضوع سنڌ، سنڌي ماڻهو، سندن حق ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ جهڙي اجگر شهر ۾ سنڌين جي ويڳاڻپ هوندا هئا. هن شهر جا وارث هوندي، اتي جنهن نموني اسان ماڻهو (سنڌي) پاڻ کي اڪيلا سمجهندا هئاسين، ان احساس سبب ئي جدوجهد ڏانهن وڌيڪ مائل ٿيڻ فطري ڳالهه هئي. سنڌ دوست انقلابي تنظيم ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪراچيءَ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيڻ ٿي گهريو. پر وسيلن جي اڻاٺ سبب ڪڏهن ڪڏهن جيءُ جهري پوندو هو. 10 آڪٽوبر 1989ع تي سڪرنڊ ۾ والده لاڏاڻو ڪري وئي. آئون سڪرنڊ وڃڻ لاءِ تيار ٿيس، تنظيم جي هڪ ساٿي به ڏک ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ مون سان گڏ هلڻ لاءِ تيار ٿيو. پر ان وقت کيس مايوسي پلئه پئي، جڏهن بس جي ڀاڙي جو معاملو آڏو آيو. مان به ان سلسلي ۾ سندس مدد کان لاچار هيس. جنهن ڪري اڪيلي سر سڪرنڊ وڃڻو پيو.

 

ڪراچي سي آءِ اي سينٽر ۾ قيد

 

والده جي ٽيجهي بعد واپس ڪراچي موٽي آيس. اسان وٽ اڪثر ڪري هڪ دوست نواب لغاري ايندو هيو. سهراب ڳوٺ وٽ ال آصف اسڪوائر جي هڪ فليٽ ۾ رهندا هياسين، اوچتو خبر پئي ته هو گرفتار ٿي ويو آهي. جنهن ڪري اسان کي به خطرو جاڳيو ته متان هو سنگت جا نالا کڻي. پوءِ ائين ئي ٿيو. 28 آڪٽوبر 1989ع جي رات فليٽ تي ستا پيا هئاسين ته آڌي رات جو اوچتو پوليس لوهي در ڀڃي فليٽ ۾ داخل ٿي. پوليس مون، منهنجي سوٽ ظفر منگي ۽ هڪ دوست علي ڏني جوڻيجي کي پاڻ سان کڻي وئي. پوليس اسان کي ڪراچي جي صدر ايمپريس مارڪيٽ ڀرسان سي آءِ اي جي هڪ سينٽر ۾ بند رکيو. اسان جي اکين تي ڏينهن رات پٽيون ٻڌل هونديون هيون. جڏهن ته هٿ ۽ پير به قابو هوندا هئا. پوليس ان سينٽر ۾ لاڪپ کان سواءِ ڳجهيون کوليون به قائم ڪيون هيون. جيڪي هر پوليس آفيسر جي آفيس جي اندر ئي ٺهيل هيون. جن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ فقط دريءِ جي سائيز جيترو ننڍو دروارزو هوندو هو. ان خولي ۾ ٻي ڪابه دري يا روشندان نه هوندو هو. دري بند ٿيڻ بعد اندر انڌارو ڇائنجي ويندو هو. اسان کي جنهن کولي ۾ بند ڪيو ويو، اتي اڳ ئي هڪ قيدي موجود هيو. جيڪو پنهنجي ذات برفت ٻڌائي رهيو هو. هن اسان کي ٻڌايو ته هو ڌاڙي جي ڪيس ۾ واڙيل آهي ۽ سندس واسطو سپر هاءِ وي ڀرسان برفتن جي هڪ ڳوٺ سان آهي. اسان کي ان سي آءِ اي سينٽر ۾ لڳاتار  اڍائي هفتا بند رکيو ويو. اسان جي عزيزن کي گرفتاري جي ته خبر پئي، پر کين اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته اسان کي ڪهڙي ٿاڻي تي رکيو ويو آهي. ظفر منگيءَ جو والد جيئن ته پوليس ۾ آفيسر هيو، ان ڪري هن ڪراچي پهچي، پنهنجي پٽي ڀائين تي اثر رسوخ هلائي نيٺ اسان تائين پهچ حاصل ڪئي. جيئن ته اسان جو ڪنهن به قسم جي ڏوهه ۽ ڏوهارين سان ڪوبه واسطو نه هيو. ان ڪري اسان ٽنهي ڄڻن کي آزاد ڪيو ويو.

جڏهن جيئي سنڌ تحريڪ طرفان 1983ع ۾ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ايم آر ڊي جي مخالفت ڪئي وئي ته مون جيئي سنڌ تحريڪ کان پاسيرو ٿيڻ لڳس، ڇاڪاڻ ته ايم آر ڊي هلچل سنڌ ۾ جمهوريت جي بحالي کان وڌيڪ سنڌي ماڻهن جي قوم حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جي شڪل اختيار ڪري رهي هئي. جنرل ضياءُ الحق جي فوجي حڪومت طرفان ان تحريڪ کي سنڌ ۾ بي رحميءَ سان ڪچلڻ پويان به سندس سنڌي قوم سان نفرت ۽ دشمني جو کليل اظهار هو. ان ئي تحريڪ دوران ڳوٺن تي فوجي چڙهايون ڪري ڪيئي ماڻهو ماريا ويا. ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ۽ برباد ڪيا ويا. اها سنڌي ماڻهن کي جمهوريت جي بحالي لاءِ هلايل هلچل جي سزا ڏيڻ بدران سندن وڌندڙ قومي شعور کي ڪچلڻ جي انتهائي بي رحم ڪوشش هئي. جڏهن جيئي سنڌ تحريڪ جي باني سائين جي ايم سيد طرفان ان تحريڪ جي مخالفت ڪندي، ان کي ڪفن چورن جي تحريڪ قرار ڏنو ويو ته سنڌ ۾ جيئي سنڌ تحريڪ خلاف سنڌي ماڻهن ۾ نفرت پئدا ٿيڻ فطري ڳالهه هئي. جڏهن سنڌي ماڻهو فوجي ڏاڍ ۽ بربريت جو شڪار ٿي رهيا هئا، انهن ئي ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد طرفان جنرل ضياءُ سان ٿيل ملاقاتن ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڏنو.

مون جيئي سنڌ تحريڪ جي پاليسين سان اختلاف ڪرڻ بعد ان کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري ڇڏي. جنهن بعد مون 1988ع ۾ سنڌ دوست انقلابي تنظيم ۾ باقاعدي ميمبر ٿي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. مون اصل ۾ سياست ۾ متحرڪ ڪردار سنڌ دوست انقلابي تنظيم جي پيلٽ فارم تان ئي ادا ڪرڻ شروع ڪيو. ان تنظيم جو سربراهه ادريس چانڊيو هو. جڏهن ته امير چانڊيو، جڳديش آهوجا، منظور شيخ ۽ صدر الدين پنهور سميت ٻيا به ڪافي پڙهيل لکيل ۽ باشعور دوست ان سٿ ۾ شامل هيا. پهريان ته مون کي نواب شاهه ضلعي جو آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ 10 نومبر 1989 تي ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڪاراڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سنڌ دوست انقلابي تنظيم جو مرڪزي ڪنوينشن ٿيو ۽ شهيد پنهل ٻگهئي جي ورسي ملهائي وئي، جنهن ۾ مون کي تنظيم جو مرڪزي پريس ترجمان چونڊيو ويو. ان ئي ڪنوينشن ۾ تنظيم جي ادبي ونگ سنڌ ساهت سڀا به قائم ڪئي وئي، جنهن جو مون کي مرڪزي صدر چونڊيو ويو.

 

 

صحافت: عوامي آواز کان سفر

 

مون ڪراچي ۾ انسپيڪٽوريٽ آف مائنس ۾ ملازمت دوران ئي شام جي وقت ۾ اخبارن ۾ نوڪري به ڪرڻ شروع ڪئي. منهنجي رهائش انهن ڏينهن ۾ ڪراچي جي علائقي لياري ۾ هوندي هئي. جتان روز صبح شام لياري کان صدر واري آفيس ايندي ويندي رستي ۾ عوامي آواز جو آفيس ڀرسان لنگهڻ ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن آفيس ۾ اندر وڃي روزاني عوامي آواز جي ڪاپي به وٺي ايندو هوس. هڪ ڏينهن عوامي آواز جي آفيس ويس ته اتي منهنجي نظر فقير محمد لاشاري تي پئجي وئي. جنهن سان ڄاڻ سڃاڻ هجڻ ڪري ساڻس وڃي هٿ ملايم. هن حال احوال ڪندي چيو ته شام جو واندڪائي اٿئي، هتي اچي اسان سان گڏجي ڪم ڪندو ڪر. فقير لاشاري ان وقت عوامي آواز ۾ چيف ايڊيٽر طور مقرر ٿي آيو هو. مون ڪجهه ڏينهن بعد ساڻس ٻيهر ملاقات ڪري عوامي آواز ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته هن ان ئي وقت مون کي هڪ ڊگهي ٽيبل جي ڪنڊ تي وهڻ لاءِ چيو، جتي اڳ ئي سيف ٻنوي ۽ ٻيا دوست ڪم ڪري رهيا هئا. مون پراڻن واسطن سبب فقير لاشاري کان اهو به نه پڇيو ته مون کي ڪهڙي پوسٽ تي ۽ ڪيتري پگهار تي نوڪري ڏني وئي آهي. اهڙي طرح 1990ع ۾ منهنجي صحافت ۾ اچڻ جو بنياد عوامي آواز بڻجي وئي. جتي مون سب ايڊيٽر ۽ بعد ۾ نيوز ايڊيٽر طور ڪيئي سال ذميواريون نڀايون. عوامي آواز جي شروع واري دور ۾ ٽي پارٽنر هر هڪ امداد علي اوڍو، ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ناصر داد بلوچ هوندا هئا، جڏهن ته فقير محمد لاشاري چيف ايڊيٽر ۽ سهيل سانگي ايديٽر طور ذميواريون نڀائي رهيا هئا. جڏهن امداد علي اوڍو عوامي آواز کي الوداع ڪري سنڌ سجاڳ کي 1991ع ۾ روزاني اخبار طور جاري ڪيو ته مون کي ان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. پر سنڌ سجاڳ هڪ روزاني اخبار طور جاري رهي نه سگهي ۽ ان ڊمي جي صورت اختيار ڪري ورتي.

انهن ئي ڏينهن ۾ فقير محمد لاشاري به پنهنجي ڪجهه دوستن جي سهڪار سان جنوري 1991ع ۾ نئين اخبار روزاني جاڳو ڪراچي جاري ڪئي. جنهن جو پاڻ ايڊيٽر ۽ سردار قريشي کي نيوز ايڊيٽر طور مقرر ڪيو. پر سردار قريشي ۽ فقير لاشاري جي نظرين ۽ خيالن ۾ وڏو فرق هيو. جنهن ڪري ڪجهه ئي عرصي بعد فقير محمد لاشاري مون کي پاڻ وٽ گهرائي روزاني جاڳو جو نيوز ايڊيٽر مقرر ڪيو. اخبار جي پهرين سالگرهه 23 جنوري 1992ع تي ملهائي وئي. ان مختصر تقريب ۾ فقير محمد لاشاري، مون، صحبت ٻرڙو، ڊاڪٽر ايوب شيخ. مينيجر اشوڪ ڪمار، چاچو هارون ٻگهيو  ۽ ٻين دوستن جاڳو جي هڪ سال جي سفر تي روشني وڌي ۽ اخبار کي نئين جوش ۽ جذبي سان جاري رکڻ جو وچن ڪيو. ساڳي طرح اسان ساڳين دوست اخبار جي ٽين سالگرهه به 29 جنوري 1993ع تي ملهائي. ان وقت تائين اخبار پڙهندڙن جو وسيع حلقو پئدا ڪري چڪي هئي. خاص ڪري فقير محمد لاشاري جا ايڊيٽوريل اخبار جي خاص سڃاڻپ بڻجي ويا. سندس ايڊيٽوريل لکڻ جو هڪ خاص انداز هوندو هو، سنڌي صحافت ۾ اهو پهريون ڀيرو هيو جو هڪ اخبار جا ايڊيٽوريل عام پڙهندڙن سميت اقتدار جي اعلى ايوانن ۾ پڙاڏو پئدا ڪرڻ لڳا.

 

ڪشمير جو دورو

 

ڪشمير پريس انٽرنيشنل جي ڊائريڪٽرز فاروق عادل ۽ عبدالقيوم فاروقي طرفان ڪراچي جي صحافين کي لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال کان آگاهي ڏيڻ لاءِ آزاد ڪشمير جو دورو رٿيو ويو. جون 1993ع ۾ لائين آف ڪنٽرول جو دورو ڪيو ويو. جنهن ۾ مون سميت ڪراچي جي اخبارن جا سينئر صحافي شامل هيا. صحافين جي وفد کي چکوٽي ڀرسان لائين آف ڪنٽرول جو دورو ڪرايو ويو. جڏهن ته ايل او سي ڀرسان والاريل ڪشمير مان پناهگير ٿي آيل ڪشميرين سان به ملاقات ڪرائي وئي. پناهگيرن جي ڪئمپن ۾ اسان ڀارتي ڏاڍاين سبب لڏپلاڻ ڪري آيل ڪٽنب سان ملاقات ڪئي. هنن جيڪي حقيقتون بيان ڪيون، ان بابت اسان سوين ميل پري رهندڙ صحافي بلڪل اڻ ڄاڻ هياسين. اخبارن کي جيڪي معلومات مهيا ڪئي پئي وئي، صورتحال ان جي ابتڙ هئي. ڪيمپن ۾ رهندڙ ڪشميرين جي حالت ڪا بهتر نه هئي، مهاجر بنيادي ضرورتون پوريون نه ٿيڻ تي انتظاميه جي شڪايت ڪري رهيا هئا. مان جڏهن ڪيمپ ۾ فوٽو گرافي ڪري رهيو هوس ته نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سميت پوڙهن پڪن سان ڪچهري به ٿي. ان دوران هڪ 18، 19 سال جي ڪشميري نينگري منهنجي ڀرسان بيٺل هئي. جنهن موقعو ملندي ئي مون سان ڪچهري شروع ڪئي. هن ڳالهين ڳالهين ۾ چيو ته اوهان مون کي هتان وٺي هلي، شهر ۾ رهايو. مان هتي رهي نه ٿي سگهان. مون کيس ورندي ڏني ته تنهنجا والدين ڪيئن اهو برداشت ڪندا. جنهن تي هن ٻڌايو ته منهنجا والدين ته فوت ٿي چڪا آهن. هي پريان پوڙهو ڏاڏو آهي. جيڪو مون کي نپائي نه ٿو سگهي. ڳالهيون هلندي، اهو پيرسن به منهنجي ڀرسان اچي بيٺو ۽ ڇوڪري جون ڳالهيون ٻڌندي، روئڻهارڪو ٿيندي کلڻ جي به ڪوشش ڪئي. سندس منهن جي گهنجن ۾ ڪيئي بي وسيءُ جون ڪهاڻيون لڪل هيون.

 

روزاني جاڳو ڪراچي جي ايڊيٽر شپ

 

اسان جڏهن ڪشمير جي دوري تان واپس اسلام آباد پهتاسين ته اتي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڌرڻي جون تياريون زور شور سان جاري هيون. شهيد بينظير ڀٽو طرفان 16 جولاءِ 1993ع تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو رٿيل هو. روزاني جاڳو جو ايڊيٽر فقير محمد لاشاري ڪجهه دوستن پيپلز پارٽي جي اڳواڻن محمد اسماعيل اڍيجو، جڳديش ملاڻي ۽ غلام قادر پليجو سان گڏ شهيد بينظير ڀٽو جي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد نڪتل هو ته 17 جولاءِ 1993ع تي لاهور ويجهو گجر خان وٽ روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويو. ان حادثي ۾ فقير محمد لاشاري، ڊاڪٽر محمد اسماعيل اُڍيجو ۽ جڳديش ڪمار ملاڻي وفات ڪري ويا. جڏهن ته غلام قادر پليجو سخت زخمي ٿي پيو.

روزاني جاڳو ڪراچي جي ايڊيٽر فقير محمد لاشاري جي 17 جولاءِ 1993ع تي روڊ حادثي ۾ وفات بعد ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ مون کي اخبار جو ايڊيٽر ۽ پبلشر مقرر ڪيو ويو. جيئن ته روزاني جاڳو اخبار جي مالڪن ۾ پي پي اڳواڻ غلام قادر پليجو، سراج الحق ميمڻ، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا شامل هئا. جيئن ته روڊ حادثي ۾ اخبار جو مکيه شيئر هولڊر غلام قادر پليجو سخت زخمي ٿيڻ سبب اسپتال داخل هيو، سندس غير موجودگيءُ ۾ سراج الحق ميمڻ صاحب اخبار جا معاملا سنڀالي رهيو هو. جنهن ف م لاشاري صاحب جي وفات جي ڪجهه ئي ڏينهن بعد مون کي پاڻ وٽ گهرائي، اخبار جي ايڊيٽر شپ ۽ پبلشري جا فرض سرانجام ڏيڻ جو حڪم ڏنو. ان ئي ڏينهن قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ گهربل فارم ڀري سرڪاري ادارن ڏانهن روانا ڪيا ويا. سراج روزاني جاڳو ۾ هفتيوار ڪالم به لکندو هو، ان ڪري سندس اخبار جي آفيس ۾ اچڻ ٿيندو رهندو هو. مون جڏهن روزاني جاڳو ۾ نيوز ايڊيٽر طور ذميواريون سنڀاليون هيون ته سراج صاحب سان اڪثر ملاقات ۽ ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. آئون جيئن ته سنڌ جي تاريخ، قديم آثارن ۽ ٻولي جي حوالي سان ڪافي دلچسپي رکندو هوس، ان ڪري اڪثر ڪري سراج صاحب کان سنڌ جي تاريخ ۽ ٻولي بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هوس. پاڻ منهنجي تاريخ ۾ دلچسپي کي نظر ۾ رکندي هدايت نما حڪم ڪندو هو ته آئون سنڌ جي تاريخ تي وڌيڪ مطالعو ڪرڻ سان گڏ لکڻ جي به ڪوشش ڪيان. سراج صاحب جي ئي هدايت نما حڪم بعد مون اڳتي هلي سنڌ جي تاريخ تي لکڻ جي شروعات ڪئي.

جاڳو جي ايڊيٽر شپ دوران پي پي جي سربراهه ۽ ان وقت مخالف ڌر جي سربراهه محترما بينظير ڀٽو سان ڪافي ڀيرا ملاقاتون ٿيون. 2 آگسٽ 1993ع تي محترما پنهنجي گهر مختلف اخبارن جي ايڊيٽرن سان گڏجاڻي ڪئي. جتي جاڳو جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ مون کي به دعوت مليل هئي. پريس ڪانفرنس کان اڳ بينظير ڀٽو غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران پڇا ڪئي ته جاڳو جو ايڊيٽر آيل آهي. جنهن تي مون ساڻس پنهنجو تعارف ڪرايو. جنهن تي بينظير صاحبه پنهنجي سيڪريٽري کي چيو ته هي شهيد فقير محمد لاشاري جي اخبار جو ايڊيٽر رڪ سنڌي آهي. جنهن تي سندس سيڪريٽري منهنجو نالو ڊائري ۾ نوٽ ڪري ورتو. مون کي خبر نه هئي ته محترما منهنجو سيڪريٽري سان ذڪر ڇو ڪيو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن ۽ مخالف ڌر جي سربراهه محترما بنيظير ڀٽو طرفان نواز شريف جي حڪومت خلاف هلايل تحريڪ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ 6 آڪٽوبر 1993ع تي عام چونڊون ڪرايون ويون. جنهن ۾ پي پي 89 سيٽون حاصل ڪري ورتيون. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) 73 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي. عام چونڊن ۾ ڪنهن به پارٽيءَ کي گهربل اڪثريت نه ملي سگهي. جنهن بعد ٻنهي پارٽين اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ننڍين ننڍين پارٽين، گروپن ۽ آزاد اميدوارن سان جوڙ توڙ شروع ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن محترما بينظير ڀٽو قومي اسيمبلي ۾ 121 ميمبرن جي حمايت حاصل ڪري 26 آڪٽوبر 1993ع تي وزيراعظم چونڊجي وئي. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف کي فقط 72 ووٽن جي حمايت ملي سگهي.

سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ واضع اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي ۽ پي پي طرفان سيد عبدالله شاهه کي سنڌ جو وڏو وزير نامزد ڪيو ويو. 17 نومبر 1993ع تي نامزد وڏي وزير سيد عبدالله شاهه مختلف اخبارن جو دورو ڪري ايڊيٽرن سان ملاقاتون ڪرڻ شروع ڪيون. ان ئي سلسلي ۾ عبدالله شاهه صاحب روانو جاڳو جي آفيس به مون سان ملاقات ڪرڻ آيو. ساڻس سيد پرويز علي شاهه ۽ ٻيا پي پي اڳواڻ به گڏ هئا. جيئن ته جاڳو اخبار اليڪشن کان اڳ نواز شريف جي حڪومت دوران پي پي جي کلي حمايت ڪئي هئي. جنهن ڪري اليڪشن ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ بعد پي پي طرفان ٻين سنڌي اخبارن جي ڀيٽ ۾ روزاني جاڳو کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ فطري ڳالهه هئي. روزاني جاڳو جي دوري دوران عبدالله شاهه سنڌ جي مسئلن تي کلي ڳالهايو. خاص ڪري ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪردار کان سخت ناراض هيو. نامزد وڏي وزير عبدالله شاهه منهنجي سوالن دوران اهڙيون ڳالهيون به ڪيون، جيڪي هو پارٽي جي پاليسي سبب عام پبلڪ اڳيان ڪري نه ٿي سگهيو.

 

ترڪيءَ جو سفر

محترما بينظير ڀٽو وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ بعد پنهنجو پهريون پرڏيهي دورو ترڪي جو رٿيو. انهن ڏينهن ۾ آئون لياري ۾ رهندو هوس. هڪ ڏينهن صبح جو گهر تي ڪجهه آفيسر گاڏيءَ ۾ آيا ۽ ٻڌايو ته هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ طرفان آيل آهن. انهن مون کي ٻڌايو ته وزيراعظم صاحبه ساڻس ترڪي ويندڙ وفد ۾ اوهان کي به شامل ڪيو آهي. ان ڪري اوهان پنهنجو پاسپورٽ ڏيو ته اسلام آباد موڪلي ڏيون. جيئن ته منهنجو ان کان اڳ پاسپورٽ ٺهيل نه هو، ان ڪري کين ٻڌايو ته مون وٽ پاسپورٽ موجود ناهي. پي آءِ ڊي جي انهن آفيسرن شام جو ساڻن سندس آفيس ۾ اچي ملڻ جو چيو ۽ واپس هليا ويا. جيئن ته مون وٽ پاسپورٽ ٺهيل نه هيو ۽ اها به خبر هئي ته پاسپورٽ ٺهڻ ۾ 3 هفتا لڳي سگهن ٿا. ان ڪري شام جو آئون ساڻن ملڻ ئي نه ويس. ٻئي ڏينهن منجهند جي ٽائيم تي ساڳيا آفيسر پهتا ۽ مون کي چيو ته اسان کي وزيراعظم هائوس مان سخت هدايتون آهن. اوهان اسان سان گڏ پاسپورٽ آفيس هلو. جنهن تي مان ۽ اهي آفيسر صدر ۾ پاسپورٽ آفيس پهتاسين. جتي هنن هنگامي بنيادن تي منهنجو گريٽس پاسپورٽ ٺهرائي ورتو ۽ ان ئي شام جو 5 ڊسمبر 1993ع تي وزيراعظم هائوس اسلام آباد روانو ڪري ڇڏيو.

          وزيراعظم محترما بينظير ڀٽو طرفان 10 ڊسمبر کان 13 ڊسمبر 1993ع 4 ڏينهن ترڪي جو دورو رٿيل هو. آئون ڪراچي جي ڪجهه ايڊيٽرن سان گڏ پي آءِ اي جي اڏام ذريعي ڪراچي کان اسلام آباد پهتس. جتان وزيراعظم جي وفد سان 10 ڊسمبر تي ترڪش ايئر لائين جي جهاز ۾ ترڪي روانا ٿياسين.

10 ڊسمبر 1993ع تي ترڪيءَ جي گاديءَ واري شهر انقره پهتاسين، جتي پهريان وفد جديد ترڪي جي باني ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري ڀري. رات جو ترڪيءَ جي وزيراعظم تانسو چلر جي گهر ۾ ماني جي دعوت ڪئي وئي. 11 ڊسمبر تي ترڪيءَ جي صدر طرفان منجهند جو مانيءَ جي دعوت ڪئي وئي. ان کان اڳ وزير اعظم ڀٽو هلٽن هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي. انقره ۾ درجي حرارت ڏينهن جو 5 ڊگري سينٽي گريڊ هيو. جڏهن ته رات جو ڪاٽو 3 ڊگري سينٽي گريڊ ٿي ويو. استنبول ۾ ڏينهن جو 10 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ رات جو 4 ڊگري سينٽي گريڊ ٿي ويو. انقره ۾ اسان کي هوٽل هلٽن ۾ رهايو ويو.

ساڳي ڏينهن 11 ڊسمبر تي شام جو هوائي جهاز ذريعي استنبول جي اتاترڪ هوائي اڏي تي پهتاسين. جتان ايوب سلطان مسجد جو دورو ڪيو ويو. جنهن بعد سوئز هوٽل پهتاسين. 12 ۽ 13 ڊسمبر تي استنبول ۾ رهياسين. استنبول ۾ شيرٽن هوٽل ۾ رهايو ويو. انقره جي هلٽن هوٽل ۾ ٺهيل انقره ڪيسينو تمام خوبصورت هجڻ سان گڏ دنيا جهان جي مهمانن سان ڀريل هيو. ان ڪيسينو ۾ ترڪش موسيقي ۽ ڊانس مان ڪافي لطف اندوز ٿياسين، ترڪي جو ڪلچر ٻين مسلمان ملڪن جي ڀيٽ ۾ يورپ کي وڌيڪ ويجهڙائپ رکندڙ ۽ سيڪيولر هيو.

ترڪيءَ جي هن دوري ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو سان آصف علي زرداري، دفاع جو وفاقي وزير آفتاب شعبان ميراڻي، پرڏيهي معاملن جو وفاقي وزير سردار آصف احمد علي، مخدوم امين فهيم، بيگم امين فهيم، آغا مرتضى پويا، حسين حقاني، صحافين ۾ جنگ اخبار جو مالڪ مير شڪيل رحمان، مجاهد بريلوي، مريانا بابر، جي اين مغل، نذير بخاري، اظهر سهيل، سجاد بخاري ۽ آئون شامل هياسين.  

استبول ۾ ڪافي مارڪيٽ ۽ تاريخي جايون ڏسڻ جو موقعو مليو. رات جو  ريڊيو پاڪستان جي ڪنٽرولر نيوز نذير بخاري منهنجي ڪمري تي آيو ۽ چيائين ته هل ته شهر جو چڪر هڻي اچون.ترڪي پهچڻ تي اسان کي جيڪو گائيڊ لائين طور ڪتابچو ڏنل هيو، ان ۾ اهي واضح هدايتون مليل هيون ته اسان ترڪش سرڪاري گائيڊ کان سواءَ ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪيون ۽ ترڪ شهرين سان هروڀرو ملاقاتون به نه ڪيون. ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ ترڪي ۾ ڪرد باغين طرفان دهشتگردي جون ڪارروايون جاري هيون. بهرحال نذير بخاري جي زور ڀرڻ تي ٻئي ڄڻا شهر گهمڻ نڪري پياسين. هڪ رستي تان گذرندي اوچتو هڪ ترڪش شهري ٽڪرائجي ويو. هن اسان کي شڪلين مان سڃاڻي چيو ته اوهان پاڪستاني آهيو، اوهان اسان جا ڀائر ۽ دوست آهيو، ان ڪري منهنجي خواهش آهي ته اوهان مون سان گڏ ڀر واري ڪلب ۾ هلي، منهنجي طرفان ڊرنڪ وٺو. نذير بخاري ۽ مون سندس شڪريو ادا ڪندي، هلڻ کان معذرت ڪئي، پر جن ڇڏي، ڀوت ڇڏي واري ڪار ٿي. هو منٿون ميڙون ڪري اسان کي هڪ نائيٽ ڪلب ۾ وٺي هليو. هن ٻڌايو ته هي ڪلب سندن هڪ عزيز جي آهي. ڪلب جي اندر روسي رياستن سميت ترڪي جون ڇوڪريون ڊانس ڪري رهيون هيون، انتهائي رنگين ماحول هيو. اسان جي ميزبان شراب جو آرڊر ڏنو، جيڪو اسان کان وڌيڪ پاڻ پيئندو رهيو. ان وچ ۾ هو ڪلب جي اسٽاف سان به ملندو ۽ پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهائيندو اوچتو ڪلب مان غائب ٿي ويو. اسان سندس ڪافي وقت انتظار ڪيو ۽ ڪلب جي مينيجر کان پڇيو ته اوهان جو عزيز اسان کي هتي ويهاري ڪيڏانهن هليو ويو ته هنن ٻڌايو ته هو به اوهان وانگر هڪ گراهڪ هيو. اسان کيس نه ٿا سڃاڻون. جڏهن اسان بل جي ڳالهه ڪئي ته مينيجر چيو ته هو اوهان سان گڏ آيل هو. هن ڪوبه بل ادا نه ڪيو آهي. ان ڪري بل اوهان کي ادا ڪرڻو پوندو. جڏهن هزارين روپين جو بل پيش ڪيو ويو ته اسان جا ته پگهر نڪري ويا. اسان هوٽل تان نڪرڻ وقت ايترا پئسا پاڻ سان کڻي نه آيا هئاسين. جڏهن ڪلب وارن کي ان صورتحال کان آگاهه ڪيو ته هنن جواب ڏنو ته اوهان بل ادا ڪرڻ کان سواءِ ڪلب مان ٻاهر نه ٿا وڃي سگهو. اسان جڏهن کين ٻڌايو ته وزيراعظم جي وفد ۾ شامل آهيون، ته هن سخت ناراض ٿيندي چيو ته جيڪڏهن تانسو چلر به هجي ها ته اها به بل ادا ڪرڻ کان سواءِ باهر نه ٿي وڃي سگهي. بهرحال وڏي بحث مباحثي کان پوءِ هنن مون کي اجازت ڏني ته هوٽل تان وڃي پئسا کڻي اچان، ايستائين نذير بخاري سندن وٽ موجود رهندو. آخرڪار مون هوٽل تي پهچي، وفد جي ڪنهن به ميمبر سان اهڙو ذڪر ڪرڻ بدران پئسا کڻي اچي نائيٽ ڪلب وارن کي ڏنا، جنهن بعد نذير بخاري جي بازيابي عمل ۾ آئي.

انقره ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ مقرر ٿيل ايجوڪيشن اتاشي سيد ارشاد علي شاهه سان ڪافي ڪچهريون ٿيون. هو سفارتخاني ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ اڪيلو ڪامورو هيو. هن ٻڌايو ته ترڪ تمام گهڻا قومپرست آهن، هو ڌاري ٻولي ۾ ڳالهائڻ کي عيب سمجهندا آهن. ترڪي ۾ اسان کي هوٽل ۾ جيڪي اخبارون ڏيندا هئا، اهي سڀ ترڪش ٻولي ۾ هونديون هيون. اسان جڏهن هوٽل جي اسٽاف کان انگريزي اخبار جي پڇا ڪئي ته هنن ٻڌايو ته ترڪي ۾ فقط هڪ اخبار انگريزيءَ ۾ شايع ٿيندي آهي.

اسان استنبول جي ڪورڊ بازار مان خريداري ڪئي. جڏهن ته انقره جي اتاڪولي ٽاورس مارڪيٽ مان خريداري جو به موقعو مليو. ترڪي ۾ شيون پاڪستان کان وڌيڪ مهانگيون هيون. خريداري وقت اسان لاءِ منجهائيندڙ معاملو دڪاندارن سان ڳالهائڻ جو مرحلو هوندو هو، ڇاڪاڻ ته ڪوبه دڪاندار انگريزي ڳالهائڻ ته ڇا پر سمجهي به نه پيو سگهي. اسان خريداري وقت اگهه پار ڪلڪيوليٽر تي لکي طئه ڪندا هئاسين. ترڪيءَ جو سڪو لرا به اسان لاءِ ڪافي مسئلا پئدا ڪري رهيو هو. ڇاڪاڻ ته ان وقت پاڪستان جي هڪ رپئي ۾ 463 ترڪش لرا ملن پيا، جڏهن ته هڪ ڊالر ۾ 14 هزار 300 لرا ملن پيا. دڪاندارن کي لرا ۾ ادائگي ڪرڻ تي ڀري پئسن جي ڳڻي ڏيڻي پوي پئي.

ترڪش ٻولي جا ڪافي لفظ سنڌي ۽ اردو ٻولي جي لفظن سان هڪ جهڙائي رکندڙ هيا. جيئن چائي (چانهن لاءِ) ، قلم (پينسل لاءِ)، راحت (آرام لاءِ)، صبح ، اڪ شام (شام)، ميوي (ميوو)، سائين (مسٽر) لاءِ ڪتب آندو پئي ويو. ترڪي پهچڻ جي پهرين ڏينهن آئون مختلف تقريبن لاءِ مليل دعوت ناما ڏسي اچرج ۾ پئجي ويس. جن تي نالي اڳيان رومن الفابيٽ ۾ سائين لکيل هو. جيئن سائين رڪ سنڌي، سائين نذير بخاري وغيره. بعد ۾ پتو پيو ته مسٽر جو ترڪش زبان ۾ مطلب سائين آهي.

 

مير مرتضى ڀٽو سان ملاقات

 

جڏهن پي پي جي حڪومت ۾ مير مرتضى ڀٽو جلاوطني ختم ڪري 1993ع ۾ پاڪستان پهتو ته هن پنهنجي سياسي سرگرمين جي شروعات انتهائي جارحاڻي انداز سان ڪرڻ شروع ڪئي. ڪراچي ۾ مير مرتضى ڀٽو جا ساٿي به خاص ڪري اڳرائي واري سياست جي حوالي سان مشهوري ماڻي چڪا هئا. مير جي اچڻ بعد سندن جارحاڻو انداز انتهائي شدت اختيار ڪري ويو. خاص ڪري هو پنهنجي پارٽي ۽ قيادت جي باري ۾ ڪابه تنقيد برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا هئا. ان ڪري سندن شروعات ۾ ئي ميڊيا سان ٽڪراءُ ٿيو. جيئن ته روزانو جاڳو اخبار جي پاليسي پي پي نواز هئي، ان ڪري روزاني جاڳو مير جي ساٿين جي ڪاوڙ جو خاص نشانو بڻجڻ لڳي. مون کي مير جي ڪجهه ساٿين طرفان ڌمڪيون به ڏنيون ويون ته اوهان مير جي خبرن کي ڪوريج نه ٿا ڏيو. جڏهن ته اخبار جي پاليسي ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه شامل نه هئي. اخبار ۾ مير مرتضى ڀٽو جي پارٽي پي پي (شهيد ڀٽو) کي مناسب ڪوريج ڏني ويندي هئي. اخبار طرفان ڪڏهن به ايڊيٽوريل يا مضمونن ۾ پي پي (ش ڀ) کي دانستا طور نشانو نه بڻايو ويو. اصل ۾ اخبار جي مالڪ يعني چيف ايگزيڪيوٽو غلام قادر پليجي جو واسطو پي پي سان هيو. ان ڪري مير مرتضى ڀٽو جي ساٿين جي ذهن ۾ اها ڳالهه گهر ڪري ويهي وئي ته روزاني جاڳو پي پي جي ترجمان اخبار آهي. هڪ ڏينهن مون وٽ آفيس ۾ ڪجهه نوجوان آيا ۽ پاڻ کي پي پي (ش ڀ) جو ڪارڪن سڏائيندي، ڌمڪي ڏني ته اوهان پنهنجي پاليسي تبديل نه ڪئي ته اوهان کي سبق سيکاريو ويندو. منهنجي رهائش انهن ڏينهن ۾ لياري ۾ هئي، جتي مير جي حامين جو وڏو انگ رهندڙ هيو. پي پي (ش ڀ) جي مبينا ڪارڪنن جي آفيس ۾ اچي ملاقات کان هڪ هفتو پوءِ نامعلوم ماڻهن اخبار جي فون نمبر تي رابطو ڪري ٻيهر ڌمڪي ڏني ته اوهان لياري ۾ رهندڙ آهيو، ان ڪري اوهان لاءِ سٺو نه ٿيندو. لڳاتار ٻه ڀيرا ڌمڪيون ملڻ بعد اخبار طرفان پي پي (ش ڀ) جي خبرن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. اخبار ۾ خاص مقالو لکي مير جي مبينا ساٿين جي ان عمل جي سخت مذمت ڪئي وئي. روزاني جاڳو کي ڌمڪين واري عمل جي مختلف اخبارن ۽ صحافين جي تنظيمن طرفان به سخت مذمت ٿيڻ لڳي. جيڪا صورتحال مير مرتضى ڀٽو ۽ سندس پارٽيءَ لاءِ پريشان ڪندڙ هئي. ڪجهه ئي ڏينهن بعد مير طرفان هڪ وفد موڪليو ويو. جنهن ملاقات ڪري چيو ته مير صاحب، اوهان سان ملاقات ڪري غلط فهميون ختم ڪرڻ گهري ٿو. آخرڪار 29 جون 1994ع تي مير طرفان اخبارن جي سينئر صحافين ۽ ايڊيٽرن سان ملاقات جو پروگرام رٿيو ويو. جنهن جي مون کي به دعوت ڏني وئي، مير جي دعوت ۾ مون سميت ڪافي اخبارن جي ايڊيٽرن شرڪت ڪئي. ايڊيٽرن سان ملاقات ختم ٿيڻ بعد مير مرتضى ڀٽو مون کي الڳ ملاقات لاءِ گهرايو. جنهن ۾ پاڻ پنهنجي ڪارڪنن طرفان روزاني جاڳو جي سٿ کي مليل ڌمڪين تي معذرت ڪئي. مير بابت مون وٽ جيڪو تصور جڙيل هيو، اهو پهرين ملاقات ۾ ئي تبديل ٿي ويو. هو انتهائي يار ويس قسم جو ۽ سلجهيل سياسي اڳواڻ نظر آيو. سندس پيار ڀرئي انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ دليلن سان بحث ثابت ڪيو ته هو انتهائي ميچوئر قسم جو سياسي اڳواڻ ٿي اڀري رهيو هو.

 

بينظير ڀٽو ۽ ڪالاباغ ڊيم

 

وزيراعظم بينظير ڀٽو عهدو سنڀالڻ بعد سنڌي اخبارن مان سڀ کان پهريان روزاني جاڳو کي انٽرويو ڏيڻ جي درخواست قبول ڪري ورتي. ان وقت روزاني جاڳو جو چيف ايگزيڪيوٽو غلام قادر پليجو پي پي جي سيٽ تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر به چونڊيل هيو. هن وزيراعظم کي روزاني جاڳو کي تفصيلي انٽرويو ڏيڻ جي گذارش ڪئي. جيڪا پاڻ قبول ڪري ورتن. وزيراعظم هائوس مان انٽرويو کان اڳ لکت ۾ سوال به گهرايا ويا. وزيراعظم سان انٽرويو لاءِ آئون بحيثيت ايڊيٽر، غلام قادر پليجو بحيثيت چيف ايگزيڪيوٽو ۽ سندس هڪ دوست لکانو بهراڻي خاص عيوضي 31 جولاءِ 1994ع تي وزيراعظم هائوس پهتاسين. جتي ٻه کان ٽي ڪلاڪ وزيراعظم سان تفصيلي انٽرويو ڪيو ويو. جيڪو روزاني جاڳو طرفان 8 آگسٽ 1994ع جي اشاعت ۾ رنگين ايڊيشن جي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. ان انٽرويو دوران وزيراعظم بينظير ڀٽو سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف هلندڙ جدوجهد سبب سخت پريشان نظر اچي رهي هئي. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي پرزور حامي هئي ۽ محترما وزيراعظم جي حيثيت ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ناراضگي برداشت ڪري نه پئي سگهي. وزيراعظم بينظير ڀٽو روزاني جاڳو کي انٽرويو دوران ڪالاباغ ڊيم جو نالو انڊس ڊيم رکي ان جي اڏاوت جي خواهش جو اظهار ڪيو هو. سندس موقف هيو ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم منصوبي ۾ ڦيرڦار ڪري انڊس ڊيم تعمير ڪيو وڃي ته ان سان ٿرپارڪر جي 35 لک ايڪڙ زمين ۽ پنجاب جي 30 کان 40 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي. آئون هيٺ وزيراعظم بينظير ڀٽو جي تفيصلي انٽرويو مان اها ڳالهه ٻولهه ڏئي رهيو آهيان، جيڪا فقط ڪالاباغ ڊيم بابت پڇيل سوالن جي جوابن دوروان محترما طرفان ڪئي وئي هئي.

 

وزيراعظم بينظير ڀٽو جو انٽرويو

 

جڏهن اسان وزيراعظم بينظير ڀٽو کان تڪراري ڪالاباغ ڊيم بابت سوال پڇيو ته سندس موقف هيو ته:

اسان جي حڪومت، سڄي ڪابينا، پارلياماني گروپ، اسان سڀ آئين مطابق هلون ٿا. آئين ۾ پاڻي اهڙي قسم جو مسئلو آهي. جنهن جو انتهائي حساس نموني خيال رکيو ويندو آهي. ڪوبه وڏو ڊيم ان وقت تائين بڻجي نه ٿو سگهي، جيستائين چارئي صوبا ان تي رضامند نه ٿين ۽ متفق نه ٿين. اها ئي ڳالهه هئي ته ڪالاباغ ڊيم تي چار صوبا متفق نه پيا ٿين، ٽن صوبن جا اعتراض آهن. خاص ڪري ٻن صوبن سنڌ ۽ سرحد جا سنجيده اعتراض آهن. ڪالاباغ ڊيم جي پروجيڪٽ کي اسان جڏهن 1988ع ۾ کنيو ته اسان صاف صاف چيو ته سنڌ جا هي اعتراض آهن. سرحد جا هي اعتراض آهن. بلوچستان تي هي اثر پئجي سگهي ٿو. ان ڊيم کي جيڪڏهن اسان ڪالاباغ ڊيم بدران نالو بدلائي انڊس ڊيم ٺاهيون ته ڇا اسين ننڍن صوبن جي ڳڻتي لاهي سگهون ٿا يا نه؟ هڪ منصوبو اسان ٺاهيو هو، جنهن هيٺ سنڌ جي 35 لک ايڪڙ زمين کي پاڻي ملڻو هو. ٿرپارڪر جي رڻ ۾ جيڪا زمين آهي، ان کي اسان کي پاڻي ڏيڻو هو. يعني 35 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻي هئي. اوهان پاڻ سوچيو ته ڪيترن هارين کي روزگار ملي ها، سنڌ جي پيداور ۾ ڪيترو اضافو ٿيندو. بلوچستان ۽ سرحد ۾ به اهڙي ڦيرگير ڪئي وئي. پر اها ڳالهه اسان سياستدانن جي نه آهي، پر اها ٽيڪنيڪي ماڻهن جي آهي. ڇاڪاڻ ته اسان سياستدان سياست ڪري سگهون ٿا. پر جيڪي ٽيڪنيڪل ڳالهيون آهن، انهن ۾ اسين ٻاهر نه آهيون. پر هاڻي انڊس ڊيم جي اسڪيم ۾ اسان مڙني صوبن جي خطرن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهيءَ ۾ ڪمپويٽر لڳائڻ جي رٿا رٿي آهي. هر ڪو صوبو پنهنجي صوبائي آفيس ۾ ويهي ڪمپيوٽر ٽيليويزن ذريعي پاڻي تي نظر رکندو، بٽڻ دٻائڻ سان خبر پوندي ته پاڻي ۾ ڪيترو چاڙهه آهي ۽ پاڻي جي ڪيتري ليول آهي. جيڪو صوبو گهڻو متاثر ٿي سگهي ٿو ۽ کيس ڊپ آهي ته اتي ئي پنهنجي صوبائي آفيس ۾ ويهي هڪڙو بٽڻ دٻائي معاملو طئه ڪري وٺي. جيڪڏهن کيس خطرو محسوس ٿئي ته پري وڃڻو نه پوي. پر اهي سڀ معاملا ٽيڪنيڪل ماهرن جا آهن. انهيءَ جي باوجود جيڪڏهن ٽيڪنيڪل ماهر چون ته نه، ته پوءِ اسان نه ٿا ٺاهي سگهون. جيڪڏهن ٽيڪنيڪل ماهر چون ٿا ها، ته پوءِ ها. هي ڪمپيوٽر ذريعي جيڪا ڦيرگير ڪئي وئي آهي، ان ذريعي سنڌ ۾ 35 لک ايڪڙ ۽ پنجاب ۾ 30 کان 40 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي. جيڪڏهن ٽيڪنيڪل ماهر ها چوندا ته اسان ڪالاباغ ڊيم ٺاهينداسين. اسان هڪ سياسي حڪومت آهيون، اسان اهو ڪجهه ڪنداسين، جيڪو آئين مطابق آهي ۽ آئين مطابق پاڻيءَ تي چئني صوبن کي اتفاق ڪرڻو آهي. اسان جي خواهش آهي ته ٽيڪنيڪل ماهر ان ۾ “ها” چون. ڇاڪاڻ ته ان جا فائدا گهڻا آهن. .... پر جيڪڏهن انڊس ڊيم ٺهي سگهي ته ان جا دور رس فائدا ٿيندا. ملڪ جي پئداوار ۾ اضافو ٿيندو، ملڪ جي پاڻي ۾ واڌارو ٿيندو. انهيءَ انڊس ڊيم ۾ اسان اهو به شرط رکيو آهي ته ڇاڪاڻ ته سلٽيج ٿيندو آهي. ان ڪري ڊرينيج سسٽم گڏوگڏ ٺهي ته جيئن سلٽيج جو مسئلو، سم ۽ ڪلر جو مسئلو نه رهي.

 

اسلام آباد اديبن ۽ دانشورن جي قومي ڪانفرنس

 

پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ فخر الزمان چيئرمين اڪيڊمي ادبيات پاڪستان، طرفان اسلام آباد ۾ اديبن ۽ دانشورن جي قومي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. اها ڪانفرنس  9 آڪٽوبر 1994 کان 11 آڪٽوبر 1994ع تائين منعقد ڪئي وئي.  هوٽل ميريٽ اسلام آباد ۾ ڪانفرنس جو افتتاح صدر فاروق احمد لغاري ڪيو. جتي احمد نديم قاسمي، ممتاز مفتي، انور سجاد ۽ ٻين سان ملاقاتون ٿيون. سنڌ مان ابراهيم جويو، يوسف شاهين، جمال ابڙو، شيخ اياز، امر جليل، رسول بخش پليجو، فهميده حسين، رڪ سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ ٻين اديبن سان سميت خاص ڪري پنجابي ٻولي جي اديبن سان ڪچهريون ڪرڻ جو موقعو مليو. جيڪي ان قومي ڪانفرنس ۾ پنجابي ۽ سرائيڪي سميت ٻين مقامي ٻولين جي اديبن کي پهريون ڀيرو موقعو ڏيڻ تي پي پي حڪومت جي ساراهه ڪري رهيا هئا. ڪجهه پنجابي اديبن ان ڳالهه جو به اعتراف پئي ڪيو ته هو ئي پنهنجي مادري ٻولي پنجابي جي زوال جا ذميوار آهن. خاص ڪري نوجوان پنجابي ۽ سرائيڪي اديب اردو ٻولي جي هڪ هٽي خلاف جارحاڻو انداز رکندڙ هيا ۽ سنڌي عوام طرفان پنهنجي مادري ٻولي جي تحفظ لاءِ ٿيندڙ جدوجهد کي ساراهي رهيا هئا.

 

ڪراچي کان حيدرآباد منتقلي

 

ڪراچيءَ ۾ حمزي خان پليجي طرفان 1998ع ۾ هڪ نيئن سنڌي اخبار روزاني “سچ” جاري ڪئي وئي. جنهن جو ايڊيٽر سنڌي ٻولي جي مشهور اديب آغا سليم کي مقرر ڪيو ويو. جنهن مون سان رابطو ڪري اخبار ۾ شموليت جي دعوت ڏني. اهڙي طرح 28 جون 1998ع تي مون کي روزاني جاڳو جو نيوز ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. اسان سان طئه اهو ٿيل هيو ته اخبار جي هيڊ آفيس ڪراچي ۾ هوندي، پر ڇپائي لاءِ پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ رکي ويندي. ڪجهه مهينا ته اخبار جو نيوز سيڪشن ڪراچي مان ئي اخبار تيار ڪري ڇپائي لاءِ حيدرآباد موڪليندو هيو، پر حيدرآباد ۾ قائم ڪيل سب آفيس جي ڪجهه دوستن حمزي خان پليجي کي ان ڳالهه لاءِ قائل ڪري ورتو ته روزاني سچ جي هيڊ آفيس به حيدرآباد ۾ هجڻ گهرجي ۽ ڪراچي جي نيوز اسٽاف کي حيدرآباد شفٽ ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ آئون ذاتي طور تي ان ڳالهه جي خلاف هيس، ڇاڪاڻ ته ڪراچي ۾ نيوز ڊيسڪ تي ڪم ڪندڙ سڀ ساٿي ڪراچي شهر ۾ رهندڙ هيا ۽ سندن لاءِ حيدرآباد منتقل ٿيڻ مشڪل هيو. بهرحال حمزي خان پليجي ۽ آغا سليم جي خاطرين تي آئون فيملي سميت حيدرآباد شفٽ ٿي آيس. مون کي ڪراچي کان حيدرآباد شفٽ ٿيڻ واري ان فيصلي تي هميشه افسوس رهندو آيو، منهنجي ڪيريئر لاءِ اهو فيصلو انتهائي هاڃيڪار ثابت ٿيو. اخبار جي انتظاميه جي ان فيصلي سبب ڪراچي ۾ نيوز ڊيسڪ تي ڪم ڪندڙ پيارا ساٿي ديدار جعفري ۽ ظفر ملاح متاثر ٿيا ۽ کين ملازمت ڇڏڻي پئجي وئي. جنهن جو مون کي سخت افسوس رهيو. منهنجو ڪجهه وقت روزاني سچ سان ساٿ هلندو رهيو، پر اخبار جي انتظاميه جي ناتجربيڪاري سبب روزاني سچ گهڻو عرصو جاري رهي نه سگهي ۽ ان کي ٻيهر ڪراچي منتقل ڪيو ويو ۽ پوءِ اڳتي هلي اخبار ڊمي ٿيڻ بعد بند ٿي وئي. 

No comments:

Post a Comment